رستم ڀرسان گهرو اڻبڻت تان ڀاءُ هٿان ڀاءُ قتل

لکي غلام شاھ(رپورٽ: نديم جان مهر ) رستم ٿاڻي جي حد ڳوٺ ٻڍو ڪمالاڻي ڀرسان چوپايو مال چارڻ لاءِ گهران نڪتل ننڍي ڀاءُ رضامحمد ڪمالاڻي کي وڏي ڀاءُ  امام بخش ڪمالاڻي  بندوق جا فائر ڪري قتل ڪرڻ بعد لاش جهنگ ۾ ڇڏي گهر پهچي ڳوٺ وارن کي اطلاع ڪيو ته سندس ننڍي ڀاءُ کي نامعلوم هٿياربند قتل ڪري فرار ٿي ويا آھن اطلاع تي رستم پوليس پهچي واقعي واري هنڌ تان لاش ھٿ ڪري جاچ ڪئي ته وڏي ڀاءُ  مٿان ننڍي ڀاء کي قتل ڪرڻ جو ٻڌايو ويو ڀائرن ۾ گهرو اڻبڻت ظاهر ڪئي ويئي رستم پوليس لاش کڻائي خانپور اسپتال پهچايو جتان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد مڙھ ڀيڻ حوالي ڪيو ويو  آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو نه ئي گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.