اڳوڻو ايف آءِ اي ڊائريڪٽرفوت، شهباز گل پاران قتل جو الزام

لاهور (م ڊ) ايف آءِ اي جو اڳوڻو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر رضوان لاڏاڻو ڪري ويو. خانداني ذريعن موجب ڊاڪٽر رضوان کي دل جي تڪليف سبب لاهور جي سروسز اسپتال نيو ويو، جتي ڊاڪٽرن سندس موت جي تصديق ڪئي. ايف آءِ اي ڊائريڪٽر طور ڊاڪٽر رضوان، شهباز شريف جي مني لانڊرنگ سميت ڪيترن ئي ڪيسن جي جاچ ڪئي هئي. هوڏانهن تحريڪ انصاف اڳواڻ شهباز گل اڳوڻي ايف آءِ اي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر رضوان جي لاڏاڻي تي ردعمل جو اظهار ڪيو آهي. سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ شهباز گل چيو ته اها ڪا نئين ڳالهه ناهي، هن ملڪ ۾ ماڻهن کي ائين کي قتل ڪيو ويندو آهي. هن چيو ته منهنجي خبر ڪار حادثي جي آئي هئي، جيئن ان جي هارٽ اٽيڪ جي آئي آهي، سڀ ڪجهه ائين مينيج ڪيو ويندو آهي ڄڻ واقعي ڪو اتفاقي حادثو آهي پر ملڪ ۾ هڪ ئي وقت ايترا حادثا نه قتل ٿي رهيا آهن.03

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.