پي ٽي آءِ جو 9مئي واقعن تي فوج کان معافي وٺڻ کان انڪار، چونڊ نتيجن جي جاچ جو مطالبو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪِ انصاف ( پي ٽي آءِ ) فوج طرفان معافي وارو مطالبو رد ڪري ڇڏيو آهي.
پي ٽي آءِ طرفان موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته ڊي جي آءِ ايس پي آر جي پريس ڪانفرنس غير آئيني، غيرقانوني، ۽ تضادن جو مجموعو آهي ۽ پاڪ فوج جي ساک ۽ آئيني ڪردار لاءِ انهتائي ناڪاري اثر رکندڙ آهي.
پي ٽي آءِ ڪور ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ جاري ڪيل پڌرائي موجب، پي ٽي آءِ ڊي جي آءِ ايس پي آر طرفان ڪروڙين پاڪستانين جي نمائندا سياسي جماعت کي ” وڳوڙي گروپ “ قرار ڏيڻ تي معافي جو مطالبو متفقه طور رد ڪري ٿي.
پڌرائي موجب، پاڪستان تحريڪِ انصاف جي ڪور ڪميٽي نوَ مئي جي فالس فليگ آپريشن جي آڙ ۾ ملڪ جي سڀ کان وڏي پارٽي خلاف رياست طرفان گهڙيل، ڪوڙي، زهريلي ورغلائيندڙ ۽ بي بنياد پروپئگنڊا رد ڪري ٿي.
پڌرائي موجب، پي ٽي آءِ تسلسل سان نوَ مئي جي فالس فليگ آپريشن جي مذمت ڪئي ۽ ڀڃ ڊاهه، هٿين خالي شهرين جي بي رحماڻي قتل سميت پُرتشدد واقعن جي ذميوارن جي تعين لاءِ اعليٰ سطحي عدالتي جاچ جو مطالبو ڪيو آهي.
ان کانسواءِ تحريڪِ انصاف اڳوڻي نگران وزيراعظم انوار الحق جي بيان جي روشني ۾ اٺ فيبروري جي چونڊن جي نتيجن خلاف جاچ جو به مطالبو ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.