وفاقي اردو يونيورسٽي جي نفسيات جي شعبي جي انتظام هيٺ آٽزم بابت سيمينار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان آٽزم سينٽر جي گڏيل سهڪار سان نفسيات جي شعبي جي انتظام هيٺ وفاقي اردو يونيورسٽي جي عبدالحق ڪيمپس ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين لاءِ آگاهي سيمينار ڪوٺايو ويو.

سيمينار جو مقصد شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ پاڪستان ۾ ٻارن جي وڌندڙ ذهني مرضن، خاص طور تي آٽزم جي حوالي سان روشني وڌي وئي.

نفسيات جي ماهرن دانيا عبدالمعروف ۽ سارا احسان پاڪستان ۾ آٽزم جي وڌندڙ رجحان، سببن، سڃاڻپ، رنڊ روڪ ۽ مختلف علاج جي طريقن بابت تفصيل سان روشني وڌي.

ان کانسواءِ ڪهڙي ريت معاشري ۾ اهڙن ٻارن لاءِ انسان دوست ماحول ٺاهي سگهجي ٿو، جنهن سان سندن ذهني مرض کي منهن ڏيڻ ۾ مدد ڏئي سگهجي.

آخر ۾ نفسيات جي شعبي جي صدر ۽ انچارج آرٽس عبدالحق ڪيمپس، ڊاڪٽر شاهد اقبال اهم ۽ ڪارائتي ڄاڻ ڏيڻ تي نفسيات جي ماهرن جا ٿورا مڃيا ۽ تعريفي سندون ورهايون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.