الخدمت فائونڊيشن طرفان مائرن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان تقريب ڪوٺائي وئي

لاهور ( پ ر ) الخدمت فائونڊيشن پاڪستان جي اهتمام هيٺ مائرن جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان اولڊ ايج هومز ۾ رهندڙ مائرن ۽ مختلف يتيم خانن ۾ پرورش اختيار ڪندڙ ٻارڙن جي لاءِ تقريب جو اهتمام ڪيو ويو، ان موقعي تي سيڪريٽري جنرل سيد وقاص جعفري، نائب صدر مشتاق مانگٽ ، الخدمت لاهور جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر اعجاز نذير ۽ ٻين ذميدارن شرڪت ڪئي ، تقريب جي دوران انتهائي جذباتي منظر پڻ نظر آيا ، ان موقعي تي خطاب ڪندي سيد وقاص جعفري چيوته الخدمت مختلف آزمائشن جو شڪار طبقن جي لاءِ هڪ آغوش جيان آهي جتي محروم طبقن خوشيون فراهم ڪرڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن ، هن چيو ته اسان انهن باهمت مائرن کي سلام پيش ڪريون ٿا، مشتاق مانگٽ چيو ته يتيم ٻار ۽ هي بي گهر بزرگ مائرون اسان جي معاشري جون ڌيان طلب طبقو آهن

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.