ٽڪ ٽاڪ جو سمورن اي آءِ وڊيوز تي ليبل لڳائڻ جو اعلان

ٽڪ ٽاڪ طرفان آرٽيفيشل انٽليجنس (اي آءِ) ٽيڪنالاجي ذريعي سمورن وڊيوز ٿي ليبل لڳائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
ٽڪ ٽاڪ تي پنهنجي اي آءِ ٽولز سان تيار ڪيل وڊيوز تي پهريان ئي اهڙي قسم جا ليبل لڳايا ويندا آهن، پر هاڻي ٻين پليٽ فارمز جي تيار ڪيل وڊيوز تي به ڊجيٽل واٽر مارڪس لڳايا ويندا.
ٽڪ ٽاڪ جي عهديدارن ايڊم پريسر طرفان ٻڌايو ويو آهي ته اي آءِ ٽيڪنالاجي سان حيران ڪندڙ تخليقي موقعا پيدا ٿيا آهن، پر انهن سان ڏسندڙن کي گمراهه به ڪيو پيو وڃي انڪري وڊيوز تي ليبل لڳائڻ بعد واهپيدارن کي وڊيو اصلي هجڻ يا نه هجڻ جي خبر پ.جي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.