نوڪيا جو پراڻو فون 3210 جديد سهولتن سان متعارف

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايڇ ايم ڊي گلوبل پنهنجو پراڻو ۽ مشهور فون 3210 جديد سهولتن سان 25 سالن کانپوءِ ٻيهر متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي.

نوڪيا 3210 ۾ واهپيدارن جي پسنديده نانگ واري گيم به آهي، فون ۾ 4 جي نيٽ ورڪ آهي، 2 ميگا پگزل ڪيمرا آهي ۽ 2.4 جي ڊسپلي اسڪرين آهي.

فون ايس 30 آپريٽنگ سسٽم تي ڪم ڪري ٿو جنهن ۾ يونيسوڪ جو پراسيسر آهي.

فون جي اسٽوري 128 ايم بي آهي پر 32 جي بي ڪارڊ ڏئي سگهجي ٿو.

فون ۾ پنهنجو ايپ اسٽور به آهي.

خيال رهي ته هن وقت اهو فون پاڪستان ۾ متعارف ناهي ڪرايو ويو پر ممڪن آهي ته جلد مقامي مارڪيٽ ۾ متعارف ڪرايو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.