اينڊرائڊ واهپيدارن لاءِ واٽس ايپ جو ڊيزائن تبديل ٿي ويو

واٽس ايپ اينڊائڊ ۽ او آءِ ايس ڊيوائسز لاءِ موبائل ايپ جي ڊيزائن تبديل ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته نئين ڊارڪر ڊارڪ موڊ به متعارف ڪرايو ويو آهي.
ڪمپني طرفان ايپ جي نئين ڊيزائن جو اعلان ڪندي ٻڌايو ويو آهي ته ميسجنگ پليٽ فارم جو يوزر انٽرفيس تبديل ڪيو ويو آهي.
آخري ڀيرو واٽس ايپ جو ڊيزائن 2021 ۾ تبديل ڪيو ويو هو ۽ هاڻي ٽن سالن بعد ائين ڪيو پيو وڃي.
ڪمپني موجب نئين ڊيزائن ۾ 35 مختلف رنگن تي غور ڪرڻ بعد نئين انداز جي چونڊ ڪئي وئي.
نون يوزر انٽرفيس ۾ نون آئيڪنز کي متعارف ڪرايو ويو آهي، جڏهن ته چيٽس جي ڊفالٽ بيڪ گرائونڊ کي به بهتر ڪيو پيو وڃي.
اهڙي ريت چيٽ ببل جي رنگن ۽ فلوٽنگ ايڪشن بٽڻ کي به تبديل ڪيو پيو وڃي.
واٽس ايپ طرفان ايپ جي مٿان سائي رنگ کي هٽايو ويو آهي، ڪمپني ٻڌايو آهي ته نئين ڊيزائن ۾ اهڙن رنگن کي چونڊ ڪئي وئي جيڪي گهٽ روشني واري ماحول ۾اکين تي وڌيڪ دٻاءُ جو سبب نه بڻجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.