چيٽ جي پي ٽي تي ”اعتراض جوڳو“ مواد تخليق ڪرڻ جي اجازت جو امڪان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) چيٽ جي پي ٽي جلد واهپيدارن کي ”بولڊ“ مواد تخليق ڪرڻ جي اجازت ڏئي سگهي ٿو.

ڪمپني اشارو ڏنو آهي ته هو پنهنجي مواد تخليق ڪرڻ واري صلاحيت کي وڌائي رهيا آهن ۽ ان ۾ (اعتراض جوڳو) مواد به شامل ڪرڻ تي غور ڪيو پيو وڃي.

ان سان واهپيدارن کي اختيار هوندو ته هو هدايتون ڏئي اهڙو مواد تيار ڪري سگهندا.

تازو اوپن اي آءِ چيٽ جي پي ٽي جي گهربل روين بابت نوان دستاويز جاري ڪيا آهن جنهن ۾ مواد جي سار سنڀال ۽ پنهنجي پابندين بابت عزم جو اظهار ڪيو ويو آهي.

اوپن اي آءِ موجب اهڙو مواد قانوني روين، ذاتي رازداري ۽ هٿرادو ذهانت ۾ اڳڀرائي جي عڪاسي ڪري ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.