ڪڻڪ ذخيري ۾ خوراڪ کاتي جا آفيسر ملوث

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪڻڪ جي ذخيرا اندوزي ۾ خوراڪ کاتي جي آفيسرن جي ملوث هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.

ان حوالي سان وفاقي گهرو وزارت ملوث ماڻهن جي انٽيليجنس رپورٽ سنڌ حڪومت حوالي ڪئي آهي.

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ذخيرا اندوزي ۾ فلور ملز، عادي ذخيرا اندوز ۽ اسمگلرز به ملوث آهن.

ڪڻڪ جي برآمد لاءِ ڊپٽي ڪمشنرز جي سربراهي ۾ 4 رڪني ڪاميٽيون قائم ڪيون ويون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.