ملڪ ۾ غير قانوني سگريٽ وڪري تي ساليانو 300 ارب رپين جو نقصان

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)ملڪ کي سگريٽ انڊسٽري ۾ٽئڪس چوري سان ساليانو 300 ارب رپين کان وڌيڪ جو نقصان ٿيڻ لڳو.
ملڪ ۾ سگريٽ جي 165 برانڊز فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) جي ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم جي ٺپي بغير وڪرو ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.
پرڏيهي اداري اپسوس پاڪستان طرفان جاري ڪيل سروي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته 104 سگريٽ برانڊز حڪومت جي مقرر ڪيل گهٽ ۾ گهٽ قيمت کان به سستو وڪرو ڪيو پيو وڃي.
سگريٽ انڊسٽري ۾ ٽئڪس چوري سان ساليانو 300 ارب رپين کان وڌيڪ جو نقصان ٿي رهيو آهي، هلندڙ مالي سال جي آخر تائين غير قانوني سگريٽ جي واپار جو کاٿو 65 سيڪڙي تائين پهچڻ جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.