شاگردن کان لکين رپيا وٺي پيپر ڪرائيندڙ استاد گرفتار، ڪيس داخل

ڀارتي رياست گجرات جي ضلعي پنچ محل وٽان ڪروڙين رپين عيوض امتحاني پيپر حڪ حل ڪرائڻ جو واعدو ڪندڙ استاد گرفتار ٿي ويو.
تشار ڀٽ نالي فزڪس جي استاد ( اين اي اي) جي اميدوارن کي انهن جا پيپر حل ڪرڻ جي بدلي 33 لک رپين جي گهر ڪئي هئي.
اين اي اي جي ٽيسٽ ۾ شامل اميدوارن کي ميرٽ لسٽ ۾ نالي اچڻ تي ميڊيڪل جي تعليم ڏيڻ واري نجي ۽ سرڪاري ادارن ۾ داخلائون ڏنيون وينديون آهن.
ڄاڻايل استاد امتحاني سينٽرز ۾ ڊپٽي سپريڊنٽنٽ جي حيثيت سان مقرر ٿيل هو، جنهن کي ٻين 2 ڄڻن سان گڏجي گرفتار ڪيو ويو،
معاملا طئي ٿيڻ بعد استاد اميدوارن کي سوالن جي جوابن جي جاءِ خالي ڇڏڻ جو چيو هو جيڪي سوالن جي کين خبر نه هئي، خالي ڇڏيل سوال استاد کي پاڻ ڪرڻا هئا.
امتحانن جي ڏينهن ايجوڪيشن انتظاميا جي هڪ ٽيم اسڪول پهتي ۽ تشار ڀٽ کان پڇا ڳاڇا ڪئي وئي، جڏهن ٽيم هن جو موبائل چيڪ ڪيو ته ان ۾ 16 اميدوارن جا نالا، رول نمبر ۽ امتحاني سينٽرن جا تفصيل هئا، جيڪي هن ٻي ساٿي جوابدار کي واٽس ايپ ذريعي موڪليا هئا.
جاچ بعد جوابدار اعتراف ڪيو ته هن 6 اميدوارن جا پيپر حل ڪرڻ لاءِ في اميدوار کان 33 لک رپيا ڏيڻ جي گهر ڪئي هئي.
جوابدار موجب ڇهن اميدوارن مان هڪ اميدوار کيس 7 لک رپين جي رقم ادا ڪري ڇڏي هئي، جيڪا جوابدار جي ڪار مان هٿ ڪئي وئي.
اختيارين ڄاڻايل استاد سميت 2 ٻين جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.