سردار سليم حيدر خان گورنر پنجاب جي عهدي جو قسم کڻي ورتو

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پيپلز پارٽي جي اڳواڻ سردار سليم حيدر خان پنجاب جي گورنر جي عهدي جو قسم کڻي ورتو .
گورنر پنجاب جي حلف برداري تقريب لاهور ۾ منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو سميت ٻين شرڪت ڪئي.
لاهور هاءِ ڪورٽ چيف جسٽس سردار سليم حيدرخان کان حلف ورتو .
سردار سليم حيدر جو واسطو اٽڪ ضلعي سان آهي ۽ هو اڳوڻو وفاقي وزير به رهيو آهي، ان کانسواءِ هو پ پ راولپنڊي ڊويزن جو صدر پڻ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.