ادڪارا نتاشا فلم لاءِ ڪهڙي رانديگر کي هيرو چونڊي ورتو؟

پاڪستاني اداڪارا نتاشا علي هيرو لاءِ فاسٽ بالر حارث رئوف ۽ ناڪام ڀاءُ لاءِ بابر اعظم جي چونڊ ڪئي.
نتاشا علي تازو ئي هڪ نجي ٽي وي جي شو ۾ مهمان طور شريڪ ٿي، جنهن ۾ هن کان سوال ڪيو ويو ته فرض ڪيو توهان هڪ فلم ٺاهي رهيون آهيو ۽ ان ۾ مرڪزي ڪردار به اوهان جو آهي، فلم جيڪڏهن هيرو، ولن ۽ ناڪام ڀاءُ جي چونڊ ڪرڻي پئي ته ڪنهن جي چونڊ ڪندئو؟
ان تي نتاشا علي جواب ۾ چيو ته مان هيرو لاءِ حارث رئوف، ناڪام ڀاءَ لاءِ بابر اعظم ۽ ولن رضوان کي چونڊيندس.
اداڪارا چيو ته رضوان جو چهرو ولن جهڙو ئي لڳي رهيو آهي، ان تي مهمان رميز راجا هن کي ٻڌايو ته رضوان جو چهرو تصوير ۾ اهڙو لڳي رهيو آهي اصل ۾ هو اهڙو ناهي.
بعد ۾ اداڪارا چيو ته مان افتخار احمد کي ولن طور چونڊيندس.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.