پاڪستان جو آئرلينڊ ۽ انگلينڊ خلاف سيريز ۾ تجربا نه ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) پاڪستاني ٽيم آئرلينڊ ۽ انگلينڊ خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز روٽيشن پاليسي موجب نه کيڏندي.
پاڪستان ۽ آئرلينڊ وچ ۾ پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ اڄ ڊبلن ۾ کيڏي ويندي، آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کان اڳ پاڪستاني ٽيم آئرلينڊ ۾ ٽن ۽ انگلينڊ خلاف چئن ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز کيڏيندي.
ذريعن موجب، آئرلينڊ ۽ انگلينڊ جي سيريز ۾ ٽيم مئنيجمينٽ ۽ ڪپتان بابر اعظم ان ڳالهه تي متفق آهن ته ٽيم پليئنگ اليون ۾ انهن ئي رانديگرن کي موقعو ڏنو ويندو جيڪي عالمي ڪپ کيڏندا.
نيوزيلينڊ خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز جي پنجن مقابلن ۾ قومي ٽيم 16 رانديگرن کي کيڏايو هو، جڏهن ته عثمان خان ۽ عرفان خان نيازي کي ٽي ٽوئنٽي ۾ ڊيبيو ڪرايو ويو هو.
هاڻ ذريعن جو چوڻ آهي ته ٽيم مئنيجمينٽ ۽ ڪپتان فيصلو ڪيو آهي ته ورلڊ ڪپ کان اڳ بئنچ اسٽرينٿ کي موقعو ڏيڻ بدران انهن ئي رانديگرن کي موقعو ڏنو ويندو جيڪي عالمي ڪپ اسڪواڊ جو حصو هوندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.