ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) پاڪستاني ٽيم آئرلينڊ ۽ انگلينڊ خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز روٽيشن پاليسي موجب نه کيڏندي.
پاڪستان ۽ آئرلينڊ وچ ۾ پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ اڄ ڊبلن ۾ کيڏي ويندي، آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کان اڳ پاڪستاني ٽيم آئرلينڊ ۾ ٽن ۽ انگلينڊ خلاف چئن ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز کيڏيندي.
ذريعن موجب، آئرلينڊ ۽ انگلينڊ جي سيريز ۾ ٽيم مئنيجمينٽ ۽ ڪپتان بابر اعظم ان ڳالهه تي متفق آهن ته ٽيم پليئنگ اليون ۾ انهن ئي رانديگرن کي موقعو ڏنو ويندو جيڪي عالمي ڪپ کيڏندا.
نيوزيلينڊ خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز جي پنجن مقابلن ۾ قومي ٽيم 16 رانديگرن کي کيڏايو هو، جڏهن ته عثمان خان ۽ عرفان خان نيازي کي ٽي ٽوئنٽي ۾ ڊيبيو ڪرايو ويو هو.
هاڻ ذريعن جو چوڻ آهي ته ٽيم مئنيجمينٽ ۽ ڪپتان فيصلو ڪيو آهي ته ورلڊ ڪپ کان اڳ بئنچ اسٽرينٿ کي موقعو ڏيڻ بدران انهن ئي رانديگرن کي موقعو ڏنو ويندو جيڪي عالمي ڪپ اسڪواڊ جو حصو هوندا.