سلمان خان جي گهر ٻاهريان فائرنگ جي الزام ۾ هڪ ٻيو جوابدار گرفتار

بالي ووڊ اسٽار سلمان خان جي گهر تي فائرنگ واري ڪيس ۾ لارنس بشنوئي گروهه جي هڪ ميمبر کي گرفتار ڪيو ويو.
ڀارتي خابرو اداري موجب ممبئي پوليس جي ڪرائم برانچ 7 مئي تي محمد رفيق چوڌري نالي شخص کي راجستان مان گرفتار ڪيو ويو آهي.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته ڄاڻايل شخص تي الزام آهن ته هن سلمان خان جي گهر ٻاهريان فائرنگ واري ڪيس ۾ شوٽرز جي مالي مدد فراهم ڪئي.
پوليس موجب اداڪار جي گهر تي فائرنگ کان پهريان چوڌري رفيق حملا آورن سان ملاقات ڪئي هئي، جنهن ۾ هن حملا آورن کي ٻڌايو هو ته بشنوئي گروهه جي لارنس بشنوئي جي ڀاءُ انمول بشنوئي هن کي اهو ٽاسڪ ڏنو آهي.
پوليس جو چوڻ هو ته محمد رفيق حملا آورن کي موٽرسائيڪل ۽ گهر ڪرائي تي وٺي ڏنو هو.
ياد رهي ته سلمان گهر تي فائرنگ واري ڪيس جي سلسلي ۾ اها پنجين گرفتاري آهي، جڏهن ته ڪيس ۾ ملوث جوابدارن جي تلاش جاري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.