سولر پينل سستا ٿي ويا، اڃا به اگهه گهٽجڻ جا امڪان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سموري ملڪ ۾ سولر پينل جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڪئي وئي آهي.
2022ع ۾ 80 رپيا في واٽ ملڻ واري پليٽ جي قيمت 37 رپيا في واٽ ٿي وئي ۽ 5 ڪلو واٽ سولر سسٽم جي قيمت 2022 جي مقابلي ۾ 2 لک 15 هزار، جڏهن ته 10 ڪلو واٽ سسٽم جي قيمت 4 لک 30 هزار رپين تائين ڪري پئي.
سولر پينل ڊيلرن موجب سولر پليٽ تي في واٽ قيمت 40 رپيا يا ان کان به گهٽ اچي سگهي ٿي.
سولر پينل جي قيمتن ۾ گهٽتائي بعد مختلف قسم جي برانڊز جي سولر پينل جي شرح ريٽس 37 رپين تائين ڪري پئي آهي.
قيمتن ۾ گهٽتائي جي حوالي سان سولر پينل ڊيلرز جو چوڻ هو ته گهڻو وڪرو هجڻ باوجود ريٽس ڪريش ٿيا آهن، ۽ صرف 6 مهينن ۾ سولر پينل جي قيمتن ۾ 30 سيڪڙو گهٽتائي ٿي آهي، جڏهن ته اڃا به ريٽ گهٽ ٿيڻ جا امڪان ظاهر ڪيا پيا وڃن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.