نان فائلرز جي لوڊ ۽ ڊيٽا تي واڌو ٽئڪس لڳندو، پلان بي عملدرآمد لاءِ گرين سگنل

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) حڪومت ايف بي آر کي نان فائلرز خلاف پلان بي تي عملدرآمد لاءِ گرين سگنل ڏئي ڇڏيو .
ايف بي آر ذريعن موجب، نان فائلرز خلاف 15 مئي کانپوءِ ايڪشن ورتو ويندو جنهن تحت جيڪڏهن نان فائلرز جون سمون بند نه ٿيون ته اضافي ود هولڊنگ ٽئڪس آڻڻ ۽ نان فائلرز جي سِم تي ٻه ڏهائي پنج سيڪڙو واڌو ٽئڪس لڳائڻ تي پڻ غور ڪيو پيو وڃي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته نان فائلرز جي هر ڀيري لوڊ ڪرائڻ تي واڌو ٽئڪس، موبائيل ۽ ڊيٽا لوڊ تي به واڌو ٽئڪس آڻڻ تي غور ويچار جاري آهي.
ذريعن موجب، نان فائلرز جون سمون بند ڪرائڻ جي ڊيٽا پي ٽي اي جي حوالي ڪئي وئي آهي، 15 مئي تائين نان فائلرز جون سمون بند نه ڪيون ويون ته ايف بي آر ڪمپنين خلاف ڪارروائي تي غور ڪندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته 10 ڏينهن کان وڌيڪ گذرڻ باوجود ٽيلي ڪام ڪمپنين سمون بند ڪرڻ جي حڪمن تي عملدرآمد نه ڪيو جنهن حوالي سان قانوني ٽيم سان مشاورت ڪئي ويندي ۽ ٽيلي ڪام ڪمپنين خلاف عدالت ۾ درخواست داخل ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.