اذلان شاهه هاڪي ڪپ: پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ جو مقابلو 1 – 1 گول تان برابر

ايپوا ( ويب ڊيسڪ ) اذلان شاهه هاڪي ڪپ ۾ پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ جي وچ ۾ مقابلو هڪ، هڪ گول تان برابر ٿي ويو.
ملائيشيا جي شهر ايپوا ۾ جاري اذلان شاهه هاڪي ٽورنامينٽ جي آخري رائونڊ ميچ ۾ سخت مقابلي ٿيو.
2 ڪوارٽر ۾ ڪا به ٽيم گول نه ڪري سگهي، ڪيوي ٽيم کي ٻن پنالٽي ڪارنر به مليا پر هو فائدو حاصل نه ڪري سگهيا، پاڪستان کي به گول ڪرڻ جو موقعو مليو پر ڪاميابي نه ملي.
ٽئين ڪوارٽر جي ڇهين منٽ ۾ نيوزيلينڊ جي ٽيم پهريون گول ڪيو پر 8 هين منٽ ۾ ئي پاڪستان جي ابوبڪر محمود پنالٽي ڪارنر تي گول ڪري مقابلو برابر ڪري ڇڏيو.
ٽئين ڪوارٽر ۾ پاڪستان ٽيم کي ڪيئي اوپن چانس مليا پر نيوزيلينڊ جي دفاعي لائين سمورا حملا ناڪام بڻائي ڇڏيا.
چوٿين ڪوارٽر ۾ به ٻنهي ٽيمن سرسي حاصل ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي پر گول نه ڪري سگهيون.
واضح رهي ته پاڪستان ٽيم پهريان ئي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري چڪي آهي، فائنل ۾ پاڪستان جو مقابلو جپان سان ٿيندو، پاڪستان آخري ڀيرو 2023ع ۾ اذلان شاهه هاڪي ڪپ جو چيمپيئن بڻيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.