هڪ هفتي اندر کاڌي پيتي جون 13 شيون مهانگيون ٿي ويون

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) شماريات کاتي موجب، ملڪ ۾ هفتيوار مهانگائي جي شرح ۾ وڌيڪ 1 ڏهائي 39 سيڪڙو لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
شماريات کاتي طرفان جاري انگن اکرن موجب، مهانگائي جي مجموعي سالياني شرح 22.32 سيڪڙو تي اچي وئي آهي.
شماريات کاتي موجب، هڪ هفتي دوران کاڌي پيتي جي 13 شين جي اگهن ۾ گهٽتائي آئي، 12 شيون مهانگيون ٿيون جڏهن ته 26 شين جا اگهه مستحڪم رهيا.
هڪ هفتي دوران بصر في ڪلو 19 رپيا سستو ٿيا، ڪڪڙ 18 رپيا 83 پئسا، 20 ڪلو اٽي جي ٿيلي چار رُپيا سستي ٿي، ڪيلا 2 رپيا 32 في ڊزن، ٿوم هڪ رپيو 44 پئسا في ڪلو سستي ٿي.
هفتيوار انگن اکرن موجب، ڌونئري، سڪي کير، لوڻ، چانهه جي پتي، سگريٽ ۽ مرچ پائوڊر جون قيمتون برقرار رهيون.
شماريات کاتي موجب، هڪ هفتي دوران ٽماٽن جي اگهه ۾ في ڪلو 19 رپيا 24 پئسا وڌا ٿي، هڪ ڊزن آنا 4 رپيا 73 پئسا، جڏهن ته پٽاٽا چار رپيا 38 پئسا في ڪلو مهانگو ٿيا.
ان کانسواءِ وڏو گوشت 64 پئسا ، تازو کير 41 پئسا ۽ ٻاڪرو گوشت 5 پئسا مهانگو ٿيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.