اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو ٽن ڏينهن اندر ماني جي اگهه جي تعين ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڊپٽي ڪمشنر ۽ نان باءِ ايسوسيئيشن جي نمائندن کي ٽن ڏينهن اندر ماني جي اگهه جي تعين جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس طارق محمود جهانگيري ماني جي قيمتن بابت درخواست تي ٻڌڻي ڪئي جنهن دوران اسٽيٽ ڪائونسل جي نمائندن موقف اختيار ڪيو ته پهريان ڪڻڪ جو بحران هوندو هو هن ڀيري ڪڻڪ جي پيداوار تمام گهڻي ٿي آهي، اٽي جي قيمت ۾ به هڪ هزار رپيا لاٿ اچي چڪي آهي تنهنڪري ماني جا اگهه گهٽايا وڃن.
ٻڌڻي دوران جسٽس طارق محمود جهانگيري رمارڪس ڏيندي چيو ته تندور وارا جون جولاءِ جهڙي گرمي ۾ باهه ۾ وڃي ماني لڳائيندا آهن، عدالت کي ريڙهي لڳائڻ واري غريب جو مفاد به ڏسڻو آهي، ماني جو اگهه امير ماڻهو جو مسئلو ناهي، انهن کي ته ماني جي قيمت جو پتو ئي ناهي.
بعد عدالت ۾ تندور ڊي سيل ڪرڻ ۽ گرفتار ماڻهن جي آزادي جي هدايت به جاري ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.