” انتهائي قدم کڻڻ تي مجبور نه ڪيو وڃي“ علي امين وفاق کي خبردار ڪري ڇڏيو

ڊيرا اسماعيل خان (ويب ڊيسڪ ) خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور خبردار ڪيو آهي ته صوبي ۾ لوڊشيڊنگ برداشت نه ڪئي ويندي ۽ اسان کي ڪو انتهائي قدم کڻڻ تي مجبور نه ڪيو وڃي.
ڊيرا اسماعيل خان ۾ پنهنجي رهائشگاهه تي پريس ڪانفرنس ڪندي علي امين گنڊاپور چيو ته منهنجي صوبي جو عوام کي بجليءَ ۽ گئس چور چيو ويندو ته برداشت نه ڪندس.
هن چيو ته وفاق اسان جي صوبي جي عوام کي چوڻ بند ڪري، صوبي ۾ بجلي ۽ گئس جي ناجائز لوڊ شيڊنگ برادشت نه ڪئي ويندي.
سندس چوڻ هوته قبائلي علائقي جي ماڻهن وٽ کائڻ لاءِ ڪجهه ڪونهي اسان مٿن وڌيڪ ڪنهن به قسم جو بار نه وجهڻ ڏينداسين.
هن چيو ته مان عوام کي رليف ڏيڻ چاهيان هٿو جنهن لاءِ قدم کڻڻ شروع ڪري ڇڏيا، صوبائي حڪومت جي سرڪاري اسپتالن ۾ علاج ۽ ٻيون سهولتون بهتر بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.
علي امين وڌيڪ چيو ته خيبرپختونخوا جو عوام پنهنجي حقن تي راتاهو هڻڻ تي وفاق خلاف تحريڪ هلائيندو ڇو ته اسان سان مسلسل زيادتي ٿي رهي آهي، وفاق صوبي جا 1510 ارب رپيا واپس ڪري.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.