ايس پي شهربانو 25 سالن جي ٻار آهي، هٿ چميا ته ڪهڙو ڏوهه ٿيو: جگن ڪاظمي

پاڪستاني اداڪارا ۽ ميزبان جگن ڪاظم پاڻ تي ٿيندڙ تنقيد جو جواب ڏيندي چيو آهي ته 24،25 سالن جي ( اي ايس پي شهربانو) اهو ڪري ڏيکاريو جيڪو اتي موجود وڏن وڏن مردن نه ڪيو، مان پنجاهه هزار ڀيرا اهڙن ٻارن جا هٿ چمندس جنهن کي جيڪو ڪرڻو آهي ڪري.
تازو ئي هڪ انٽريو ۾ ميزبان ۽ اداڪارا کان سوشل ميڊيا تي وائرل وڊيو بابت سوال ڪيو ويو ته اوهان اي ايس پي شهربانو کي پروگرام ۾ گهرائي ان جا هٿ چميا، پر اهو ٻڌايو ته اوهان ائين ڇو ڪيو؟
جنهن تي اداڪارا ٻڌايو ته گهڻا ئي ماڻهو منهنجي پروگرام ۾ اچي چڪا آهن، اهو منهنجو انداز آهي جڏهن مان پاڻ ننڍن ٻارن سان ملندي آهيان ته انهن سان پيار ۽ محبت جو اظهار ڪندي آهيان.
اي ايس پي شهربانو لاءِ ڳالهائيندي اداڪارا چيو ته هو منهنجي پروگرام ۾ آئي هئي، شهربانو 25 سالن جي ٻار آهي ۽ منهنجي ماٽيلي ڌيءَ دانيا 26 سالن جي آهي انڪري اي ايس پي منهنجي ٻچڙن جي عمر جي آهي. ۽ هن اهو ڪري ڏيکاريو جيڪو ڪنهن وڏي مان وڏي مرد به نه ڪيو هوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.