ڪراچي: غيرقانوني پاسپورٽ ٺاهڻ ۾ ملوث افغان شهري سميت 4 ڄڻا گرفتار

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ڪراچي ۾ غيرقانوني پاسپورٽ ٺاهڻ ۾ ملوث افغان شهري سميت 4 ڄڻا گرفتار.
ميڊيا رپورٽن موجب، اينٽي هيومن ٽريفڪنگ سرڪل ڪارروائي ڪندي غيرقانوني پاسپورٽ ٺاهڻ ۾ ملوث افغان شهري سميت چار ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو.
ايف آءِ اي ترجمان موجب، گرفتار ڪيل جوابدارن ۾ مجيب الله، حماد احمد، محمد انيس ۽ غلام عباس شامل، جوابدار مجيب الله ايجنٽ ۽ سهولتڪارن جي مدد سان پاڪستاني پاسپورٽ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
ايف آءِ اي ترجمان جو چوڻ آهي ته جوابدارن کي پاسپورٽ آفيس صدر ڪراچي جي ٻاهران گرفتار ڪيو ويو، جوابدار مجيب الله جو اصل نالو زرداد آهي ۽ واسطو افغانستان سان ٻڌايو پيو وڃي.
ترجمان موجب، جوابدار مجيب الله ڪجهه مهينا اڳ غيرقانوني طريقي سان سرحد پار ڪري ڪراچي پهتو هو، جوابدار جعلسازي ذريعي مجيبب الله جي نالي سان پاڪستاني سڃاڻپ ڪارڊ به حاصل ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.