مريم نواز حڪومت کي جهٽڪو، عدالت وڏو حڪم ڏئي ڇڏيو

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) لاهور هاءِ ڪورٽ پنجاب حڪومت کي شاگردن ۾ اليڪٽرانڪ بائيڪس ورهائڻ کان روڪي ڇڏيو.
عدالت پاران ايندڙ ٻڌڻي تي شاگردن ۾ موٽرسائيڪلز ورهائڻ واري اسڪيم جا تفصيل پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو،
عدالت چيو آهي ته ٻڌايو وڃي ته پنجاب جي ڪهڙن شهرن ۾ ۽ ڪيتريون بائيڪس ورهايون پيون وڃن؟
پنجاب حڪومت جي وڪيل چيو ته سڄي صوبي ۾ 19 هزار پيٽرول بائيڪس ورهايون پيون وڃن.
جسٽس شاهد ڪريم رمارڪس ۾ چيو ته شاگردن کي پبلڪ ٽرانسپورٽ استعمال ڪرڻ لاءِ اتساهڻ گهرجي، شاگردن کي موٽرسائيڪلز ڏيندا ته هو ون وهيلنگ شروع ڪندا.
عدالت وڌيڪ ٻڌڻي سومر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.