لاهور ( ويب ڊيسڪ ) لاهور هاءِ ڪورٽ پنجاب حڪومت کي شاگردن ۾ اليڪٽرانڪ بائيڪس ورهائڻ کان روڪي ڇڏيو.
عدالت پاران ايندڙ ٻڌڻي تي شاگردن ۾ موٽرسائيڪلز ورهائڻ واري اسڪيم جا تفصيل پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو،
عدالت چيو آهي ته ٻڌايو وڃي ته پنجاب جي ڪهڙن شهرن ۾ ۽ ڪيتريون بائيڪس ورهايون پيون وڃن؟
پنجاب حڪومت جي وڪيل چيو ته سڄي صوبي ۾ 19 هزار پيٽرول بائيڪس ورهايون پيون وڃن.
جسٽس شاهد ڪريم رمارڪس ۾ چيو ته شاگردن کي پبلڪ ٽرانسپورٽ استعمال ڪرڻ لاءِ اتساهڻ گهرجي، شاگردن کي موٽرسائيڪلز ڏيندا ته هو ون وهيلنگ شروع ڪندا.
عدالت وڌيڪ ٻڌڻي سومر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.