شاگردن لاءِ ليپ ٽاپ اسڪيم جي منظوري ڏني وئي

لاهور (ويب ڊيسڪ) وزير اعليٰ پنجاب مريم نواز شاگردن لاءِ ليپ ٽاپ اسڪيم جي منظوري ڏني آهي.
وزير اعليٰ پنجاب مريم نواز جي صدارت هيٺ هائر ايجوڪيشن سيڪٽر رفارمز بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وزير اعليٰ کي هائر ايجوڪيشن جي فروغ لاءِ،ليپ ٽاپ ۽ شاگردن کي ٽرانسپورٽ جي سهولت تي بريفنگ ڏني وئي.
اجلاس ۾ ليپ ٽاپ اسڪيم جي منظوري ڏيندي مريم نواز چيو ته پنجاب جي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي 7 سال بعد ٻيهر جديد ترين ليپ ٽاپ ڏنا ويندا، صوبي جي شاگردن کي 20 هزار اليڪٽرڪ موٽرسائيڪلون به ڏئي رهيا آهيون.
وزير اعليٰ جو چوڻ هو ته هر ضلعي ۾ بين الاقوامي معيار جي يونيورسٽي ۽ تعلقي جي سطح تي ڪاليج اسان جو هدف آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.