اروند ڪجريوال جي ضمانت منظور، چونڊ مهم هلائڻ جي به اجازت ملي وئي

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ عام چونڊن کان پهريان گرفتار ٿي ويل دهلي جي وڏي وزير ۽ ناليواري اپوزيشن ليڊر اروند ڪجريوال جي ضمانت منظور ڪئي وئي.
اپوزيشن ليڊر اروند ڪجريوال کي 21 مارچ تي گهڻي وقت کان هلندڙ ڪرپشن واري جي ڪيس جي جاچ جي سلسلي ۾ گرفتار ڪيو ويو هو، هو ايندڙ چونڊن ۾ وزير اعظم نريندر مودي خلاف مقابلي ۾ اهم اميدوار سمجهيو ويندو آهي.
اروند ڪجريوال جي خلاف الزام آهن ته هن هڪ نجي ڪمپني کي شراب جو لائنسنس ڏيڻ دوران غيرقانوني ادائگيون ڪيون، هوڏانهن اروند ڪجريوال اهڙن الزام جي ترديد ڪري چڪو آهي.
گرفتار کان ڏيڍ مهينو بعد ڀارتي سپريم ڪورٽ اروند جي عبوري ضمانت منظور ڪندي کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.