خساري ۾ هلندڙ 24 ادارن کي خانگائڻ جي منظوري، نالا سامهون اچي ويا

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ) حڪومت جي نجڪاري ڪميٽي طرفان خساري ۾ هلندڙ 24 ادارن کي خانگائڻ جي منظوري ڏني وئي آهي.
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جي صدارت هيٺ نجڪاري ڪميٽيءَ جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ نجڪاري وزارت طرفان ادارن کي مرحليوار خانگائڻ جو پروگرام پيش ڪيو ويو .
جاري ڪيل پڌرائي موجب، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته خساري ۾ هلندڙ ادارن جَي خانگائڻ کي ترجيح ڏني ويندي جڏهن ته منافعي بخش ادارن جي نجڪاري تي غور ڪيو ويندو.
پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته حڪومت جو دائرو اسٽريٽيجڪ ۽ ضروري رياستي ادارن تائين محدود هوندو.
اسٽريٽيجڪ ۽ ضروري رياستي ملڪيتي ادارن جي درجابندي ڪئي ويندي، فهرست ۾ جاءِ نه ٺاهيندڙ ايس او ايس کي نجڪاري ۾ شامل ڪيو ويندو.
اجلاس ۾ 84 ايس او ايس کي خانگائڻ تي تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو جڏهن ته نجڪاري ڪميٽي 24 ادارن کي خانگائڻ جي سفارش ڪئي.
جن ادارن کي خانگائڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي ان پي آءِ اي، فرسٽ وومين بئنڪ لميٽڊ، ايڇ بي ايف، زرعي ترقياتي بئنڪ، يوٽيليٽي اسٽورز ڪارپوريشن، پيڪو، جنڪو ون، ٽو ٿري، فور شامل آهن.
ان کانسواءِ بجلي جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين ليسڪو، پيسڪو، آئيسڪو، ميپڪو، جيپڪو، حيسڪو، سيپڪو ۽ ٻيا ادارا نجڪاري فهرست ۾ شامل آهن.
اسٽيٽ لائيف انشورنس، سنڌ انجينيئرنگ لميٽڊ، پاڪستان ري انشورنس ڪارپوريشن به نجڪاري فهرست ۾ شامل آهي.
پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته ايندڙ اجلاس ۾ مرحليوار نجڪاري پروگرام کي حتمي شڪل ڏني ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.