پنجاب اسيمبلي جي 27 مخصوص ميمبرن جي رڪنيت معطل

لاهور (ويب ڊيسڪ ) پنجاب اسيمبليءَ سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ مخصوص ميمبرن جي رڪنيت معطل ڪري ڇڏي.
اسپيڪر ملڪ محمد احمد خان جي صدارت هيٺ پنجاب اسيمبلي جي اجلاس ۾ مخصوص سيٽون معطل ڪيون ويون.
عورتن ۽ اقليتن جون اِهي 27 مخصوص سيٽون حڪومت اتحاد کي مليون هيون، ن ليگ جا 23 ميمبر معطل ٿيا جنهن کانپوءِ ايوان ۾ انگ 203 آهي.
اسپيڪر ملڪ محمد احمد خان مخالف ڌر اڳواڻ راڻا آفتاب جو مخصوص سيٽن تي پوائنٽ آف آرڊر درست قرار ڏنو.
واضح رهي ته سپريم ڪورٽ سني اتحاد ڪائونسل جي ڪوٽا جون سيٽون ٻين پارٽين کي ڏيڻ جو فيصلو معطل ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.