ڀارت پاڪستان جي عزت ڪري ڇو ته هن وٽ ائٽم بم آهي:ڀارتي سياستدان

ڪانگريس جي سينئر اڳواڻ مني شنڪرائير پنهنجي هڪ پراڻي وڊيو وائرل ٿيڻ بعد تنقيد جي ور چڙهي ويو آهي.
مني شنڪرائير جي هڪ وڊيو ڪلپ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي آهي جنهن ۾ هن چيو هو ته ڀارت کي پاڪستان سان ڳالهيون ڪرڻ کپن نه ته ٻي صورت ملڪ جو وڏو نقصان ٿيندو.
مني شنڪر پراڻي وڊيو ۾ چيو هو ته پاڪستان وٽ ائٽم بم آهي جيڪڏهن ڀارتي حڪومت کيس ناراض ڪيو ته هو ڀارت تي بم ڪيرائي سگهي ٿو، ڀارت کي پاڪستان جي عزت ڪرڻي پوندي نه ته ٻي صورت پاڪستان ڀارت تي بم ڪيرائي ڇڏيندو.
ڪانگريس پارٽي جي اڳواڻ وڌيڪ چيو هو ته اسان صرف پنهنجي فوج جي طاقت وڌائي رهيا آهيون، جيڪو ٻنهي ملڪن ۾ڇڪتاڻ پيدا ڪندي.
مني شنڪر جي وڊيو بيان کانپوءِ ڀارتيا جنتا پارٽي چيو آهي ته اهڙو بيان هندستان لاءِ ڪانگريس جي نظريي جي عڪاسي ڪندو آهي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.