صدر سعديه راشد جي صدارت هيٺ همدرد نونهال اسيمبلي جو ماهوار اجلاس

ڪراچي (پ ر) همدرد فائونڊيشن پاڪستان جي صدر محرمه سعديه راشد جي صدارت هيٺ همدرد نونهال اسيمبلي ڪراچي جو ماهوار اجلاس ٿيو. گذريل ڏينهن ٿيل اجلاس جو موضوع ”ڇا ٽيڪنالاجي ترقي جو ذريعو آهي؟“ هو جيڪو بيت الحڪمه آڊيٽوريم، مدينته الحڪمه ڪراچي ۾ ٿيو.

اجلاس ۾ ليکڪ ۽ صحافي فيض الله خان خاص مهمان طور شرڪت ڪئي جڏهن ته اسپيڪر سيده مريم فاطما نظامت جا فرض نڀايا.

محترمه سعديه راشد صدارتي خطبي ۾ چيو ته ڊجيٽل سسٽم تي منتقل ٿيڻ کانسواءِ ۽ ٽيڪنالاجي ۾ مهارت ۽ سائنسي مضمونن تي عبور حاصل ڪرڻ کانسواءِ نه ملڪ جو دفاع ممڪن آهي ۽ نه ئي قوم جي بقا، جديد تعليم کي اختيار ڪري اسان مستقبل جي چئلينجز جو مقابلو ڪندڙ بااخلاق ۽ هنرمند افرادي قوت پيدا ڪري سگهون ٿا. انٽرنيت جي درست استعمال کي هٿي ڏيڻ جي ضرورت آهي. شهيد حڪيم محمد سعيد جو قول آهي ته سائنس پڙهو، اڳتي وڌو. اڄ آءِ ڪيوب قمبر ڪاميابي سان چنڊ جي مدار ۾ پهچي وئي آهي. اها وڏي ڪاميابي آهي، جنهن تي قوم کي فخر ڪرڻ گهرجي.

ان موقعي تي فيض الله خان مقررن جي ساراهه ڪئي ۽ چيو ته نونهال مقررن بهترين ڳالهيون ڪيون، نونهال مقررن جي بهترين ڳالهه ٻولهه جو ڪريڊٽ همدرد نونهال اسيمبلي ڏانهن وڃي ٿو، هي پليٽ فارم هڪ غير معمولي ۽ عظيم انسان شهيد حڪيم محمد سعيد نونهالان وطن جي فڪري آبياري لاءِ قائم ڪيو هو.

ان کان اڳ نونهال مقررين اسپيڪر سيده مريم فاطما (همدرد پبلڪ اسڪول، قائد ايوان عائشا فواد (همدرد پبلڪ اسڪول، مخالف ڌر اڳواڻ سيد محمد شجاع (همدرد پبلڪ اسڪول)، بسما (همدرد وليج اسڪول)، عائشا سلطان (روز هائوس گرامر اسڪول)، عائشا عقيل (آئيڊيا ريو اسڪول) ۽ اسما ظهور (آئيڊا ريو اسڪول) تقريرون ڪيون. هنن چيو ته ترقي جي ڊوڙ ۾ دنيا سان پير پير ۾ ملائي هلڻ ضروري آهي.

تقريب ۾ پي اين جي اسڪول جي شاگردن موضوع جي مناسبت سان خاڪو پيش ڪيو. قومي نغمو منزا (آئيڊا ريو اسڪول ۽ ڪاليج) پيش ڪيو.

اجلاس جي پڄاڻي تي همدرد پبلڪ اسڪول ۽ همدرد وليج اسڪول جي شاگردن دعا پيش ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.