ڊاڪٽر مجيب صحرائي کي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو لا يونيورسٽي ۾ وي سي جي چارج ڏني وئي

ڪراچي: ( پ ر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، جيڪو صوبي جي سرڪاري شعبي جي يونيورسٽين جو چانسلر پڻ آهي، تنهن سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي جي وائس چانسلر ڊاڪٽر مجيب صحرائي کي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو يونيورسٽي آف لا جي وائيس چانسلر جي عهدي جي اضافي چارج ڏئي ڇڏي آهي. جمعي ڏينهن يونيورسٽيز اينڊ بورڊز کاتي جي سيڪريٽري جي جاري ڪيل نوٽيفيڪيشن مطابق، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو يونيورسٽي آف لا، ڪراچي جي ايڪٽ 2013 جي سيڪشن 12 (2) تحت ۽ ، سنڌ جي يونيورسٽيز اينڊ انسٽيٽوٽس لاز (ترميمي) ايڪٽ 2018ع تحت سنڌ جي وڏي وزير، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو يونيورسٽي آف لا، ڪراچي جي وائيس چانسلر جي عهدي جي اضافي چارج پروفيسر ڊاڪٽر مجيب الدين صحرائي ميمڻ کي ڏني آهي. ڊاڪٽر مجيب صحرائي سنڌ مدرسه يونيورسٽي جي وائس چانسلر جي عهدي جي ذميوارين سان گڏ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو لا يونيورسٽي جي باقاعده وائيس چانسلر جي مقرريءَ تائين ان جون به ذميواريون سنڀاليندو.

هتي اهو ذڪر ڪرڻ ضروري آهي ته ڊاڪٽر مجيب صحرائي نالي وارو تعليمي ماهر آهي، جنهن کي اعليٰ تعليمي ادارن ۾ انتظامي سربراهيءَ جو وسيع تجربو حاصل آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.