ڀارتي ٽيم جي هيڊ ڪوچ راهول ڊريوڊ کي هٽائڻ جو فيصلو

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ ( بي سي سي آءِ ) ٽيم جي هيڊ ڪوچ کي هٽائڻ لاءِ ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون آهن.
پرڏيهي ميڊيا موجب، ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ راهول ڊريوڊ کي نومبر 2021ع کان ڀارتي ٽيم جو هيڊ ڪوچ مقرر ڪيو ويو هو ۽ سندس مدو جون 2024ع ۾ پورو ٿي رهيو آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب، راهول ڊريوڊ جي ڪوچنگ جو مدو ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ دوران ختم ٿي ويندو ۽ سندس ملازمت جي مدي ۾ واڌ جو ڪو به امڪان نه آهي.
ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ جي سيڪريٽري جئه شاهه تصديق ڪئي آهي نئين هيڊ ڪوچ لاءِ تمام جلد باظابطا طور اشتهار جاري ڪيو ويندو.
جئه شاهه جو چوڻ آهي ته راهول ڊريوڊ جيڪڏهن چاهي ته هيڊ ڪوچ لاءِ درخواست ڏئي سگهي ٿو، پر اڳ جيئن سندس مدي ۾ واڌ نه ڪئي ويندي.
ان کانسواءِ هن ڀارتي ٽيم لاءِ پرڏيهي ڪوچ آڻڻ وارين خبرن کي افواهه قرار ڏيندي واضح ڪيو ته ڀارتي ٽيم جو نئون ڪوچ ڀارتي ئي هوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.