بابر اعظم عالمي ٽي ٽوئنٽي مقابلن ۾ ڪوهلي سان ڪُلهو ملائي ورتو

ڊبلن ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنلز ۾ ڀارت جي ويرات ڪوهليءَ سان ڪلهو ڪُلهي ۾ ملائي ورتو آهي.
بابر اعظم انٽرنيشنلز ٽي ٽوئنٽي مقابلن ۾ سڀ کان وڌيڪ ففٽي پلس اسڪور وارو ڪوهلي جو رڪارڊ برابر ڪري ڇڏيو آهي.
پاڪستاني ڪپتان آئرلينڊ خلاف پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ ففٽي اسڪور ڪئي، مختصر فارميٽ ۾ 38 ففٽيون اسڪور ڪرڻ لاءِ بابر اعظم کي 108 ڀيرا بيٽنگ ڪرڻي پئي.
ڀارت جي ويرات ڪوهلي اِهو اعزاز 109 اننگز ۾ حاصل ڪيو، سندس ففٽين جو انگ به 38 ئي آهي.
ڪوهلي 38 ففٽين مان هڪ ففٽي کي سينچريءَ تبديل ڪري سگهيو آهي جڏهن ته ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنلز ۾ بابر اعظم جو ٽي سينچريون آهن.
مجموعي ٽي ٽوئنٽيز مقابلن ۾ به بابر اعظم ففٽين جي سينچري مڪمل ڪري چڪو آهي، هو ٽي ٽوئنٽي ۾ سئو دفعا ففٽي پلس اسڪور ڪندڙ چوٿون پليئر آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.