گوادر فائرنگ ۾ مارجي ويل ستن ڄڻن جو قتل ڪيس داخل

گوادر ۾ فائرنگ واقعي ۾ 7ڄڻن جي قتل جو ڪيس سي ٽي ڊي ٿاڻي جي داخل ڪيو ويو.
گوادر ۾ گذريل ڏينهن واقعي ۾ ست ڄڻن جي قتل جو ڪيس سي ٽي ڊي ٿاڻي تي اڻ سڃاتل ماڻهن مٿان داخل ڪيو ويو.
سي ٽي ڊي ترجمان جو چوڻ هو ته ڪيس اڻ سڃاتل ماڻهن خلاف داخل ڪيو ويو، پر ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي آهي.
ياد رهي ته گوادر جي علائقي سربندر ۾ گذريل ڏينهن اڻ سڃاتل ماڻهن فائرنگ ڪري ست ڄڻن کي قتل ۽ هڪ ڄڻي کي زخمي ڪري ڇڏيو هو.
مارجي ويلن جو تعلق پنجاب جي علائقي خانيوال سان آهي، مقتولن جي لاشن کي آباڻي ڳوٺن ڏي روانو ڪيو ويو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.