”عمران خان سان اختلاف جو حق آهي، خبر هئي ته تنقيد ٿيندي“

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي چيو آهي ته عمران ڀائي هميشه آئيڊيل رهيو آهي ۽ مان سندس ذات تي ڪڏهن تنقيد ناهي ڪئي، ڪجهه ڏينهن کان سوشل ميڊيا تي مون تي ناڪاري تنقيد ڪئي پئي وڃي پر مان ڪڏهن عمران خان کي ليڊر تصور ڪيو آهي.

پنهنجي وڊيو پيغام ۾ شاهد آفريدي چيو ته عمران خان مان متاثر ٿي مان ڪرڪيٽ شروع ڪئي، هڪ سياستدان جي حيثيت سان عمران خان جي سٺن ڪمن جي تعريف ڪئي ۽ اڳتي به ڪندس.

هن چيو ته ڪنهن جي به حڪومت هجي ان کي پنج سال ضرور ملڻ گهرجن، عمران خان ليڊر آهي پر سندس سوچ سان اختلاف جو حق مون کي آهي، اها ڳالهه ضرور چوندس ته هڪ ٻئي جي اختلافن کي نفرت ۾ تبديل نه ڪرڻ گهرجي.

آفريدي چيو ته اختلاف کي برداشت ڪرڻ هڪ مهذب معاشري جي نشاني آهي، هڪ عام پاڪستاني هجڻ جي حيثيت سان اسان سڀني کي اهو حق حاصل آهي.

سندس موجب مون کي خبر هئي ته شهباز شريف کي وزيراعظم بڻجڻ تي مبارڪون ڏيڻ سان تنقيد ٿيندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.