پاڻيءَ مٿي جھوپڙا، مورک اُڃ مَرن

تحرير: لطف هالو

هونئن ته سموري سنڌ ۾ پاڻيءَ جو بحران شدت اختيار ڪري چڪو آھي پر لاڙ پٽي جي مختلف ضلعن ۾ پاڻيءَ جي کوٽ ۽ اڻبرابري تي ٻڌل پاڻي جي ورڇ مقامي ھارين، ننڍن آبادگارن، ڳوٺاڻن توڙي شھرين ۾ وڏي بيچيني، بيزاري ۽ ڪروڌ کي جنميو آھي جنھن جو اظھار سنڌ جي مختلف علائقن ۾ پاڻي کوٽ تي ڳوٺاڻي آبادي توڙي مختلف ضلعن جي شھرين جي پاڻ مرادو تحرڪ ۾ ڪافي وقت کان ٿي رھيو آھي. سنڌ ۾ ھن وقت ڳوٺن توڙي شھرن ۾ پاڻي به وارا بنديءَ تحت ڏنو پيو وڃي ۽ گھڻي قدر پاڻي پ پ پ جي نمائندن، مقامي وڏيرن جي زمينن ۽ علائقي جي پاڻيءَ جي وسيلن کي ڪراچي يا شھرڪاري جي ميگا پراجيڪٽس ڏانھن موڪليو وڃي ٿو.

جولاءِ 2018 ٺٽي ۾، نومبر 2018 ۾ ميرپور خاص، جولاءِ 2019 ۽ 2020 بدين ۾، سيپٽمبر 2021 دادو سميت سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ پاڻي کوٽ خلاف ٿيندڙ احتجاج ھن بحران ۽ اڻبرابري تي مبني پاڻي ورڇ خلاف عوامي ڪروڌ جو اظھار آھن. ھن ئي ڏس ۾ سڀاڻي ٺٽي ۾ ڇتو چنڊ شھر آڏو قومي شاھراھ تي ڌرڻي جو پڻ سڏ ڏنل آھي جنھن جي پورھيت مزاحمت تحريڪ ڀرپور حمايت ڪري ٿي ۽ شرڪت جو پڻ اعلان ڪري ٿي.

پاڻي کوٽ خلاف اُڀرندڙ تحرڪ جيڪو مقامي ماڻھن جي خودرو نوعيت جو آهي ھن ۾ اڪثر اڳواڻي پ پ پ جي کيسي ۾ پيل يا ته وڏيرا ڪندا آھن ۽ جنھن جي نتيجي ۾ عوامي مطالبن تي زور ڏيڻ بجاء خسيس مطالبا سامھون آندا ويندا آھن جھڙوڪ داروغو مٽائڻ، انجنئير ھٽائڻ، فوري پاڻي کولڻ جيڪو هونئن ئي وارا بندي سبب کلڻو ھوندو آھي. ھنن مطالبن جي آڙ ۾ اھي مقامي وڏيرا پاڻي کوٽ جي اصل سببن کان عوام کي لاتعلق رکي، پنھنجي مطلب جو ڪم ڪڍي، يا اليڪشن جو ورڪ ڪري اُڀرندڙ تحرڪ کي ماٺو ڪري ماڻھن کي ٿڪائڻ جو ڪم سرانجام ڏيندا رھيا آھن.

تنھنڪري اھو ضروري آھي ته سنڌ جي پاڻي جي مسئلي کي ٻيھر سنڌ جي وطن دوست تنظيمن کي پنھنجي سياست جو مسلسل ايجنڊا طور کڻڻ گھرجي جنھن لاءِ ضروري آھي ته ھڪ عوام دوست، سنڌ دوست نقطه نظر اڳتي اچڻ گھرجي. ھن مضمون ۾ اسان سنڌ جي پاڻي جي ڪيس کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪنداسين ۽ ھن ڏس ۾ اسان جا ڪھڙا مطالبا ھئڻ گھرجن انھن تي نظرثاني ڪنداسين.

سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙي جو مختصر سياسي، تاريخي ۽ معاشي پسمنظر

سنڌ ۾ 89 سيڪڙو زراعت ڪينال نظام تي يعني درياهه جي پاڻيءَ تي آڌاريل آهي،8 سيڪڙو ٽيوب ويل نظام ۽ 3 سيڪڙو باراڻي علائقن ۾ مينهن جي پاڻي تي آڌاريل آهي. پنجاب جي حڪمرانن هميشه پاڻي جي بحران جي نالي ۾ سنڌ جي مرضي خالف سنڌو مٿان تعميرات ڪري ڌاڙا هنيا آهن جنهن جي تاريخ 1859ع کان شروع ٿئي ٿي.(سنڌ پنجاب پاڻي تڪرار1859.(

ورهاڱي کانپو ِء پاڪستان جي حڪمرانن ان عمل کي وڌيڪ تيز ڪيو. 1960ع ۾ انڊس بيسن ٽريٽي سنڌ جي نمائندگيءَ بنا ڪئي وئي جنهن تحت ٽي درياهه هندستان کي ڏنا ويا ۽ ٻئي پاسي عالمي ادارا ۽ هندستان پاڪستان کي ٿيل نقصان جو معاوضو ڏيڻ لاءِ تيار ٿيا. پنجاب جي حڪمرانن پوري پاڪستان ۾ پاڻي جي بحران جي بهاني ۽ ڀارت جي حڪمرانن سان ملي ڪري معاوضو وٺي 1961ع ۾ جيهلم درياهه تي منگلا ڊيم ٺاهڻ شروع ڪيو ۽ ان کان به اڳتي وڌي 1968ع ۾ سنڌو درياهه تي تربيلا ڊيم ٺاهيو. ان ذريعي پوري پنجاب جي زراعت کي جديد ڪيو ويو. 1967ع ۾ سنڌو درياهه مان پاڻي کڻڻ لاءِ چشما جهلم لنڪ ڪينال پڻ ٺاهڻ شروع ڪيو. 1991ع ۾ ڄام صادق جهڙي ڪٺ پتلي حڪمران جي دور ۾ سنڌ مٿان پاڻيءَ جو معاهدو مڙهيو ويو جنهن ۾ سنڌ جي پاڻي تي لڳل تاريخي ڌاڙي جو ڪوبه ازالو نه ڪيو ويو ،اندس ڊيلٽا کي خاص حق ڏئي ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ گهربل پاڻي ڇڏڻ بابت ڪجهه به طئي نه ڪيو ويو ۽ نه ئي سنڌو درياهه تي سنڌ جو بنيادي حق تسليم ڪيو ويو. پاڻيءَ جي ورهاست جو هڪ خاص فارمولو طئي ڪيو ويو جنهن تحت سنڌ کي 48ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ۽ پنجاب کي 56 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ڏيڻ جو طئي ٿيو. پنجاب جي حڪمرانن لاءِ ماحوليات جو سوال اهم ناهي رهيو ۽ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي ڇڏڻ جو مطلب هنن لاءِ پاڻي ضايع ڪرڻ برابر آهي! پنجاب 1991ع جي معاهدي جي به ڀڃڪڙي ڪندو رهيو آهي ۽ سنڌ کي 1991ع جي معاهدي تحت به پاڻي ناهي ملندو رهيو. اڄ ٻيهر پنجاب جو حڪمران طبقو پاڻيءَ جي بحران جي بهاني هڪ ٻيو ڌاڙو هڻندي ڀاشا ڊيم ٺاهي رهيو آهي. ان کان پهريان گريٽر ٿل ڪينال 2 تي ڪم تيزي سان جاري آهي.

سنڌ ۾ پاڻي کوٽ جو ٻيو سبب وڏيرا شاهي جي ڪري غيرمنصفاڻي ورڇ ۽ بيٺڪيتي دور جو آبپاشي نظام آهي. ان جو بنيادي سبب اهو آهي ته آبپاشي نظام مڪمل طور تي فرسودہ آهي ۽ 42000 واٽر ڪورسز گھڻو تڻو ٽٽل، ڪچا ۽ سڌا ناهن جنهن جي ڪري پاڻي ضايع ٿئي ٿو. پاڻيءَ جي ايتري مقدار ۾ ضايع ٿيڻ جي ڪري سنڌ جي زمين تيزيءَ سان لوڻياٺجي رهي آهي ۽ هن وقت 53 سيڪڙو سنڌ جي زمين لوڻياٺجي تباهه ٿي چڪي

آھي. ان کانپو ِء مُنڍ ۾ بااثر ماڻهو پاڻي تي غيرقانوني ڌاڙو هڻي پڇڙي تائين پاڻي رسڻ نٿا ڏين جنهن جي ڪري پڻ زرعي معيشت تباهه ٿي رهي آهي. ان کانپو ِء سڀ کان اهم پاسو اهو آهي ته سنڌ ۾ 1980ع کانپوءِ تيزي سان ٻيلن کي ڪٽيو ويو، نتيجي ۾ 30 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ٻاڦجي) وڃي ٿو. ٻيلن جي خاتمي مجموعي طور گرمي پد ۽ ماحولياتي بگاڙ کي به وڌايو آهي.

آبپاشي نظام جي ناڪامي، زراعت جي تباهي ۽ ماحولياتي بگاڙ جو سڀ کان اهم مثال ايل بي او ڊي ۽ آربي اوڊي جا پراجيڪٽ آهن جنهن سبب سنڌو درياھ جي ٻنهي پاسن کان آباد زمينون، منڇر جهڙي ڍنڍ ۽ ان سان جڙيل مهاڻن جي معيشت گهڻي عرصي کان تباهه ٿي رهي آهي. سنڌ ۾ واٽر لاگنگ ۽ زمين جي لوڻياٺجڻ جي عمل کي روڪڻ لاءِ 1970ع جي ڏهاڪي جي آخر ۾ حڪومت ورلڊ بينڪ جي پئسي سان ايل بي او ڊي جو پراجيڪٽ متعارف ڪرايو جنهن جو ڪم نوابشاهه، ميرپور خاص، سانگهڙ ۽ بدين جي 20 لک ايڪڙن مان کاري پاڻي کي ڪڍي سمنڊ ۾ اڇالائڻ هو. ان ڪم لاءِ انهن ضلعن ۾ خاص قسم جا ٽيوب ويل لڳائڻ جومنصوبو ٺاهيو ويو جيڪي ان کاري پاڻي کي ڪڍندا ۽ پوءِ ايل بي اوڊي۽ مخلتف سم نالن ذريعي اهو پاڻي شڪور ڍنڍ رڻ ڪڇ ۾ ضايع ڪيو ويندو. رڻ ڪڇ جو پاڪستان ۽ هندستان جي رامسر ٽريٽي ۾ هجڻ ۽ هندستان جي اعتراض سبب اهو منصوبو پورو نه ٿي سگهيو. ان جا ٻيا متبادل ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر اهو پراجيڪٽ ناڪام ثابت ٿيو آهي. خاص ڪري مينهن جي موسم ۾ ايل بي او ڊي ۽ ٻيا سم نالا ڦاٽندا آهن ۽ بجاءِ انهن جو پاڻي سمنڊ ۾ وڃڻ جي بدين، سجاول، ٺٽو ۽ ميرپوخاص ۾ ٻوڏ جي صورت ۾ وڏي تباهي آڻيندو آهي.

2011ع جي سنڌ ۾ مينهن جي ٻوڏ جو وڏو سبب اهو هو جنهن جي ڪري زراعت ۽ چوپائي مال کي اربين رپين جو نقصان ٿيو. ساڳيو ئي معاملو گذريل سالن ۾ مون سون مينهن ۾ ڪنهن حد تائين ٿيندو رھيو آهي. 1982ع ۾ سرڪار سنڌو درياهه جي ساڄي پاسي آر بي او ڊي سم نالن جو منصوبو ڏنو جنهن جو ڪم لاڙڪاڻي ۽ دادو جي زمينن مان کاري  پاڻي ۽ صنعتي ويسٽ مواد کي منڇر ڍنڍ ۾ اڇلائڻ هو. منڇر ڍنڍ، جيڪا حمل ڍنڍ جي مٺي پاڻي سان آباد هئي، ان دور کيرٿر جي جبلن، سنڌو درياکان تباهي جو شڪار ٿيڻ شروع ٿي. نتيجي ۾ 1944ع ۾ منڇر مان 2300ميٽرڪ ٽن ۽ 1980ع ۾ 700 ميٽرڪ ٽن هر سال مڇي پڪڙجندي هئي. اها ڪجهه سال اڳ تائين صرف 75 ميٽرڪ ٽن وڃي بچي آهي ۽ مڇين جي ڪافي قسمن جي نسل ڪشي ٿي چڪي آهي. 15000 هزار کان مٿي مهاڻن جا خاندان منڇر تان لڏي هاڻ گوادر ۽ ٻين علائقن ۾ رهڻ تي مجبور آهن. منڇر کي وڌيڪ تباهيءَ کان بچائڻ لاءِ سرڪار آر بي او ڊي 2 جو پراجيڪٽ 2006ع ۾ سامهون آندو جنهن جو ڪم منڇر جي کاري پاڻي کي ڳاڙھي تائين پهچائي سمنڊ ۾ اڇلائڻ هو. ان پراجيڪٽ تي 14 ارب رپين جي لاڳت هئي جيڪا هاڻ 60 ارب رپين کان مٿي ٿي چڪي آهي ۽ اهو پراجيڪٽ اڃان تائين مڪمل ناهي ٿي سگهيو.

سنڌو درياهه جي پاڻي تي ڌاڙي جو سڀ کان گهڻو نقصان انڊس ڊيلٽا کي ٿيو آهي. انڊس ڊيلٽا دنيا جو پنجون نمبر وڏو ڊيلٽا آهي ۽ ستين نمبر وڏي مينگروز جهنگ جو گهر آهي. سنڌو درياهه تي ڊيمن، بئراجن ۽ ٻي پاڻي چوري سبب گهڻي عرصي کان ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي نه هجڻ سبب سنڌو درياهه پنهنجي منزل يعني سنڌي سمنڊ تائين ناهي پهچي رهيو. مخلتف تحقيقن مطابق گهٽ ۾ گهٽ 10 ملين ايڪڙ فوٽ ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي ڇڏڻ لازمي آهي پر عام حالتن ۾ 1 ملين ايڪڙ فيٽ کان به گهٽ پاڻي ڇڏيو ويندو آهي.نتيجي ۾ انڊس ڊيلٽا آهستي آهستي پنهنجي موت ڏانهن وڌي رهيو آهي ۽ سمنڊ جو چاڙهه تيزيءَ سان ٺٺي ۽ بدين ضلعي جي زمينن کي کائي رهيو آهي. تقريبن 35 لک ايڪڙ زمين سمنڊ کائي چڪو آهي ۽ اهو  سلسلو تيزي سان جاري آهي.

سينيٽ جي سائنس ۽ ٽيڪنالجي ڪميٽي جي رپورٽ مطابق 2050ع تائين ٺٽي ۽ بدين جو وڏو حصو سمنڊ هيٺان دفن ٿيڻ جو خطرو موجود آهي. تقريبن 12 لک کان مٿي آبادي انڊس ڊيلٽا جي علائقن مان لڏپالڻ ڪري چڪي آهي ۽ ڊيلٽا جي 17 ڪريڪس مان صرف 2 ڪريڪس فعال آهن. ھلندڙ سال ۾ سرڪار هڪ نئين بئراج ”سنڌ بئراج“ جي تعمير جو فيصلو ڪيو آهي جيڪو انڊس ڊيلٽا کان 45 ڪلوميٽر جي فاصلي تي ٺٽي جي ڀرسان هوندو. ان بئراج جو اهم ڪم هر روز هزار گيلن پاڻي ڪراچي ۽ ٻين شهرڪاري جي منصوبن کي پهچائڻ آهي. ماهرن ان بئراج کي سنڌو درياهه، انڊس ڊيلٽا ۽ ٺٽي سجاول جي زمينن تي آخري وار قرار ڏنو آهي ڇاڪاڻ ته ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ رهيل پاڻي به ان بئراج وسيلي قيد ٿي ويندو ۽ ڊيلٽا ۾ دريائي پاڻيءَ جو ڦُڙو به نه پهچندو. ان سان گڏ باراڻي علائقن ۾ پڻ پاڻي جو سوال ۽ زرعي معيشت جي واڌ ويجھه جو مسئلو نمايان آهي. ٿر ۽ ڪاڇو 21هين صديءَ ۾ اڃان فطرت جي رحم و ڪرم تي آهن ۽ انهن علائقن ۾ به ماڻهو مينهن جي پاڻي کي اوائلي طريقن سان گڏ ڪرڻ وارن طريقن تي انحصار ڪري ٿو جڏهن ته اسان کي پاڙيسري ملڪ هندستان 20هين صديءَ ۾ اندرا گانڌي ڪينال ذريعي پنهنجي ٿر ۾ جديد آبپاشي نظام فراهم ڪري اتي زراعت کي يقيني بڻايو آهي.

اسان جا مطالبا ۽ انھن تحت مسلسل جدوجهد جي ضرورت

* سنڌ ۽ پنجاب جي وچ ۾ عالمي قانون تحت پاڻيءَ جو نئون معاهدو ڪري ڏيڍ صديءَ کان سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙي جو ازالو ڪري سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي ۽ سنڌ بئراج سميت ڀاشا ڊيم جهڙن منصوبن کي فوري طور ختم ڪري منصفاڻي ورڇ ۽ جديد آبپاشي نظام ذريعي پاڻيءَ جي کوٽ جي مسئلي کي حل ڪيو وڃي.

*ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾10 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي کان وڌيڪ پاڻي کي يقيني ٺاهي انڊس ڊيلٽا کي ٻيهر آباد ڪيو وڃي. آپباشي نظام کي جديد ڪري ماحولياتي بحران ۽ پاڻي جي کوٽ جي مسئلي کي مستقل بنيادن تي حل ڪيو وڃي.

*ڪي فور، سنڌ بئراج، ۽ ٻين اھڙن سنڌ دشمن منصوبن کي ختم ڪيو وڃي.

*سنڌ سميت پڇڙيءَ جي علائقن ۾ پاڻيءَ جي منصفاڻي ورڇ ڪئي وڃي.

*ٺٽي ضلعي کي ڪينجھر ڍنڍ مان ضرورت مطابق پاڻي فراھم ڪيو وڃي.

*مون سون جي برساتن جي پاڻيءَ کي جمع ڪرڻ جا جديد اُپاءُ ورتا وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.