سنڌ ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ ڪئي وئي آهي:رياض چانڊيو

ڪراچي (پ ر)جيئي سنڌ محاذ چيئرمين جي رياض علي چانڊيو جاري ڪيل بيان  ۾ چيو آھي ته سنڌ پاڻي جي هٿرادو ڪوٽ جي ڪري مواشي  بربادين کي منهن ڏئي رهي آھي ,پر حڪومت پاڻي معاهدي تحت سنڌ کي پاڻي ڏيڻ لاء تيار ناهي,اقتداري علىٰ ۾ چار سال عمران رهيو چار سال سنڌ جي زرعي معشيت تباھ  ٿي ۽ پيپلزپارٽي جي حڪومت سنڌ ۾ تماش گيري جو گردار ادا ڪندي رهي ،۽ اڄ جڏھن اقتدار جا ڌڻي شھباز شريف ۽ بلاول زرداري آھن تڏھن به سنڌ جا ماڻھو روڊن تي آھن پيئڻ جي پاڻي جو بحران آھي ۽ سنڌ ۾ هر طرف ڪربلا متل آھي ،جو ماڻھو انفرادي طرح روڊن تي نڪري ٿا اچن ،اڄ ٺٽو جو هاء وي بند هيو. ٿر جو هاء وي بدين کوسڪي کان بند هيو. ۽ سنڌ جي ٻين ننڍن وڏن شھرن ۾ احتجاج هيا سنڌ پاڻي پاڻي ڪندي پئي وتي سنڌ ۾ پاڻي ناهي هتي هٿرادو  ڏڪار برپا ڪيو پيو وڃي پر سنڌ حڪومت 91 ٺاھ تحت پنجاب کان عملدرآمد ڪرائڻ لاء تيار ناهي ڇو ته پيپلزپارٽي پنجاب جي غير قانوني ڪئنالن زريعي پنجاب طرفان سنڌ جي چوري ڪيل پاڻي تي مجرمانه خاموشي اختيار ڪيو ويٺي آھي ،جيئن 2023 ۾ پنجاب مان هن کي ووٽ ملي  ، سنڌ  جا ماڻھو غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذارين پيا جيڪا مواشي تباهي آھي، فيڊريشن اندر ڪوب ادارو وفاق جي جمهوري ۽ قانوني اصولن مطابق ڪم ڪرڻ لاء تيار ناهي سڀ ادارا سنڌ کي ڦُرن ۽ لُٽين ٿا ڪو به سنڌ سان انصاف نٿو ڪري سنڌ جا ماڻھو انصاف جي حاصلات لاء ۽ سنڌو درياه جي بحالي واري جدوجهد تان هٿ نه کڻندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.