فريد آباد (ن ع آ)فريدآباد لڳ مٿين اکڪڍائي واسي ظفر چانڊيو جي جبري گمشدگي خلاف سندس جي ڀائرن ۽ ڳوٺاڻن زاڪر حسين چانڊيو ـ زاھد حسين چانڊيو ـ علي چانڊيو ـ شعيب چانڊيو ـ سعيد چانڊيو سليم چانڊيو اظھر حسين چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پينا فليڪس بينر کڻي احتجاجي مظاهرو ڪري ظفر چانڊيو جي آزادي لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو ھنيو ـ ھنن چيو ته ظفر چانڊيو کي 2 سال ٿي ويا آهن ـ جبري طور گم ۽ لاپتا آهي جنهن جو ڪو به ڏس پتو ناھي، سندس جي امڙ ۽ گھر جا باتي سخت پريشان آهن ـ ظفر چانڊيو ڪيتري عرصي کان جبري طور گم آهي ـ ھنن چيو ته ظفر چانڊيو کي ظاھر کين آزاد ڪيو وڃي، ھنن اقوام متحده ـ انساني حقن جي عالمي تنظيمن ـ آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي حيدرآباد ايس ايس پي دادو کان کي اپيل ڪئي ته ظفر چانڊيو کي ظاھر ڪري کين آزاد ڪيو وڃي.