مٺياڻي لڳ اسڪول جي مرمتي ڪم ۾ ڪرپشن، ٺيڪيدار گم، احتجاج

مٺياڻي (ن ع آ ) مٺياڻي ويجهو دليپوٽا جي پرائمري اسڪول جي بلڊنگ جي مرمت لاءِ آيل لکين رپين ۾گهوٽالو،پرائمري اسڪول جي بلڊنگ جو ڪم اد ۾ رهجي ويو، ٺيڪيدار  ۽ انجنيئر ملي ڀڳت ڪري لکين رپيا هڙپ ڪري ڇڏيا، ٺيڪيدار لاپتا بلڊنگ جو ڪم روڙهي جو شڪار، معصوم گلڙن جهڙن ٻارڙن جو مستقبل داءُ تي لڳل. مٺياڻي ڀرسان دليپوٽا جي وچ شهر ۾ گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول جي ڪيترن ئي سالن کان پوءِ آيل مرمت لاءِ آيل لکين رپيا  بااثر ٺيڪيدار ۽ انجنيئر ملي ڀڳ ڪري اسڪول جو ڪم اڌ ۾ ڇڏي پئسا هڙپ ڪري فرار ٿي ويا ، ان حوالي سان اسڪول جي هيڊ ماستر سيد عابد حسين شاهه ۽ شاگردن جي والدين جو چوڻ آهي ته اسان ڪيترائي ڀيرا اختيارين کي اها ڳالهه نوٽيس ۾ آندي آهي پر ڪرپٽ ٺيڪيدار ۽ راشي ڪاموري خلاف ڪارروائي عمل ۾ نٿي اچي، هنن چوڻ هو ته اسان جي معصوم ٻارڙن کي بلڊنگ زبون هئڻ ۽ مرمت نه ٿيڻ ڪري جان کي خطرو آهي،ان موقعي تي گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول  دليپوٽا جي معصوم شاگردن پڻ نٽهڻ اس ۾ مين گيٽ اڳيان ۽ اسڪول ۾ احتجاج ڪري سي ايم سنڌ ۽ ايجوڪيشن منسٽر ۽ سيڪريٽري تعليم مطالبو ڪيو بلڊنگ جي ڪم ۾ لکين رپيا هڙپ ڪندڙ، ڪرپشن ڪندڙ ۽ اڌ ۾ گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول دليپوٽا جو ڪم  ڇڏي فرار ٿيندڙن خلاف ڪارروائي ڪري جلد بلڊنگ مڪمل ڪرائي انصاف ڪيو وڃي. ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.