خان صاحب! عيد کي ته سياست کان پري رکو

حاڪم نصيراڻي

ان حقيقت کان ڪڏهن به منهن نه ٿا موڙي سگهون ته ملڪ جي هر معاملي ۾ مذھبي عمل دخل ضروري آھي۔ مذھب کان سواءِ سياست اڻپوري نظر ايندي آھي۔ اها ٻي ڳالھه آھي جو مذھب مطابق زندگي گذارڻ ضروري ناهي۔ اڳ ته مذھبي ڌريون سياست ۾ رهي مذھب ڪارڊ استعمال ڪنديون هيون پر هن دفعي تحريڪ انصاف مذھب جو ڪارڊ استعمال ڪندي رياست مدينه جو تصور ڏنو۔ رياست مدينه ۾ اخوت ۽ برابريءَ جو بهترين مظاهرو ڪيو ويو هو ان ڪري شايد خان صاحب ظاهري طور بغير ڪنهن مذھبي ڏيک جي رياست مدينه جي ڳالھه ڪري عام ماڻھن کي پاڻ ڏانهن ڇڪڻ جي ڪوشش ڪئي۔ رياست مدينه جي تصور کان پوءِ  ملڪ جو پوڻن چئن سالن ۾ جيڪو حشر ٿيو اهو اسان سڀني جي سامهون آھي۔ رياست مدينه ۾ ته ڀائيچاري محبت ۽ ايثار جهڙو بيمثال معاشرو جوڙيو ويو هو هت ته اختلاف راءِ رکندڙ ماڻھن جي جنهن انداز سان تذليل ڪئي پئي وڃي ان جو ته سوچي ڪنڌ شرم کان جهڪي وڃي ٿو۔ جمهوري ملڪ ۾ بيلٽ ئي وڏو سگهارو هٿيار هوندو آھي پر رياست مدينه جي نام نهاد والي پنهنجي پوئلڳن کي ممڪنه ويڙھ لاءِ مڇرائي پيو۔ خان صاحب ڪرسي جي لالچ ۾  اهو به وساري ويٺو آھي ته سال ۾ عيد الفطر هڪ دفعي ايندي آھي جيڪا پاڻ سان گڏ تمام گهڻيون خوشيون ساڻ ڪري ايندي آھي۔پرديسي پنهنجي گهرن ڏانهن موٽي ايندا آھن وڇڙيل مونجهھ ماريل من ۾ سرهائي محسوس ٿيندي آھي۔ اهڙي صورت ۾ خان صاحب چاند رات تي  پاران حڪومت خلاف ڏنل سڏ کي ڪهڙو نالو ڏيون۔ جتي ملڪ جا ننڍا وڏا پوڙھا پڪا جوان پنهنجي عيد جي خوشين کي نيارو ڪرڻ ۾ مصروف هوندا اتي خان صاحب جي ڏنل سڏ مطابق جيڪڏهن ڪو اڻوڻندڙ واقعو پيش اچي ويو ته سڄي ملڪ جون خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي وينديون۔ هن وقت اسين هر طرف سازش جي ڄار ۾ ڦاٿل آھيون. هر طرف کان اسان جو گهيرو تنگ ٿيندو پيو وڃي. ان صورت ۾ سياسي اڳواڻن جي غلط ۽ نفرت انگيز عملن جي قيمت قوم کي چڪائڻي پوندي۔ تحريڪ انصاف جي طاقتور قوت ٿي اڀرڻ کان پوءِ  کوڙ اهڙيون خبرون اچڻ شروع ٿيون جيڪي اڳ نه ٿينديون هيون جنهن تازو مثال خيبر پختونخواهه حڪومت پاران عيد ملهائڻ جو اعلان آھي۔ حيرت جي ڳالهھ اها به آھي ته خيبر پختونخواه جي گورنر صاحب کي روزو هو ۽ وڏو وزير عيد ملهائي پيو۔ ان کان اڳ عيد ملهائڻ جو اعلان مولوي پوپلزئي صاحب ڪندو هو۔ جئين ته ذڪر عيد جو نڪتو سو عيد وري چنڊ کي بغير ڏٺي نه ٿئي۔

چنڊ بابت جتي عجيب قسم جون ڏندڪٿائون ۽  قصا مشهور آھن اتي سندس سونهن ۽ سندرتا به ڪنهن کان ڳجهي ناهي، دنيا جا اديب ليکڪ شاعر مطلب ته هر قسم جا نفيس احساس رکندڙ انسان رات جي خاموش تاريڪ ۽ ڀيانڪ روپ کي دل لڀائيندڙ چنڊ جي چانڊوڪي ڪري خوب ساراهيندا آھن، ڪي وري پنهنجي محبوب جي چهري کي چنڊ سان تشبيهھ به ڏيندا آھن، ڪي عاشق وري چنڊ کي دائمي داغن ۽ گهٽ وڌ اڀرڻ ڪري عيبدار به سمجهن ٿا، چنڊ آسمان جي سونهن ۽ اونداهي ۾ راھ ڀٽڪيل مسافرن جو رهنما پڻ آھي، پاڪستان ۾ وري اهو ساڳيو چنڊ ھر سال رمضان شريف ۽ شوال مهيني ۾ تڪراري ٿي ويندو آھي، جئين ئي رمضان شريف جي چنڊ ڏسڻي ڪاميٽي جون بزرگ هستيون نوان چشما پائي ڪافرن جون ايجاد ڪيل جديد دوربينيون کڻي ويهن ٿيون ته ڪروڙين دلين جون ڌڙڪنون تيز ٿي وڃن ٿيون، پشاوري مولوي پوپلزئي صاحب ۽ هلال ڪاميٽي جو ميچ شروع ٿي وڃي ٿو پر سوڀ هميشه پوپلزئي جي ٽيم کي نصيب ٿيندي آھي.

اهڙي ريت سندن پوئلڳ هڪ ڏينهن روزو به اڳ رکن ته عيد جون خوشيون ۽ نوان ويس وڳا پائي عطر عنبير هڻي خوب ملهائن۔ باقي ملڪ جا مسلمان هڪ ڏينهن وڌيڪ انتظار ڪندا آھن ائين هڪ رياست ۾ ٻن عيدن جا خوبصورت لمحا وڏي شان ۽ شوڪت سان ملهايا ويندا آھن۔ ڪڏهن ڪنهن پوپلزئي کان اهو نه پڇيو ته قبلا آخر اها ڪهڙي ڪرامت آھي جو اوهان جديد اوزارن، سائنسي اصولن کي مات ڏئي اڻ اڀريل چنڊ ڏسي وٺو ٿا ۽ اسان ڪروڙين رپيا هلال ڪاميٽي تي خرچ ڪري به اوهان جهڙا نتيجا حاصل نه پيا ڪري سگهون ۽ نه وري پوپلزئي اسان واري سست ڪاهل هڪ ڏينهن پوئتي رهڻ واري سرڪار کي سڏي اهو منطق سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آھي ته ميان اوهان پوئتي هن سبب جي ڪري آھيو پر پوپلزئي ائين ڇو ڪري؟ ڇو ته هلال ڪاميٽي وارا ڪروڙين رپيا مفت ۾ کائن ٿا انهن کي گهرجي ته وڃي اهو گُر سکي اچن.

مون پاران اوهان سڀني پڙھندڙن کي پنهنجي اهل و عيال سميت عيد مبارڪ هجي۔ ڪوشش ڪيو ته ڪنهن جي چلهھ سٺي طعام پچائڻ کان رهجي نه وڃي۔

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.