چڪ ڀرسان ويم لاءِ سکر اسپتال ويندڙ عورت ڦورن جي فائرنگ ۾ٻار سميت قتل

لکي  غلام شاھ (رپورٽ:نديم جان مهر) چڪ ڀرسان ڦر ڪوشش دوران مزاحمت تي هٿياربندن جي فائرنگ ۾ ويم لاءِ سکر ويندڙ ڳورهاري عورت ٻار سميت قتل، سندس ڏير زخمي ٿي پيو.رپورٽ موجب چڪ ٿاڻي جي حد ڪچي جي ڳوٺ عبدالمجيد ڪرسي جتوئي ۾ ڳورهاري عورت طوطان زال جمال ڀرڙ جتوئي کي ويم جا سور پيا، جنهن کي سندس ڏير صادق ڀرڙ جتوئي کڻائي سکر اسپتال روانو ٿيو ته ڀرڪڻ ڀرسان هٿياربندن کين روڪي ڦر ڪوشش ڪئي، مزاحمت ڪرڻ تي هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني، جنهن  جي نتيجي ۾ ڳورهاري عورت طوطان ڀرڙ ٿڏي تي قتل ٿي وئي جڏھن ته نوجوان صادق ڀرڙ زخمي ٿي پيو. اطلاع تي چڪ پوليس ڊي ايس پي لکي غلام شاھ مرتضىٰ ميراڻي جي اڳواڻي ۾ پهچي وارثن سامهون پيرا کڻڻ جي ڪوشش ڪئي ته مقتول عورت جي وارثن پوليس کي ٻڌايو ته جوابدارن کي سڃاتو آھي، جنهن بعد پوليس ڳوٺ گڻگائي مهر تي انور فقير مهر ۽ ڳوٺ دل مهر ۾ طاهر مهر جي گهرن تي چڙھائي ڪئي. گهربل جوابدار هٿ نه اچڻ تي پوليس 4 شڪي همراهن کي گرفتار ڪرڻ سان گڏ هڪ ٽريڪٽر ۽ 10 ڍور ڪاهي ورتا بعد ۾ڳوٺ گڻگائي مهر واسي پرويز عرف پرو مهر پوليس وٽ پيش پيو جڏهن ته  سندس عيوض ۾ ڪاهي بند ڪيل ٽريڪٽر ۽ ڍور واپس ڪيا ويا.هوڏانھن طاهر مهر هٿ نه اچي سگهيو، سندس 3 عزيز پوليس وٽ باندي بڻيل آهن.ٻئي طرف مقتول عورت طوطان ڀرڙ جتوئي جو لاش لکي غلام شاھ اسپتال مان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. چڪ پوليس زخمي صادق ڀرڙ جتوئي جي فرياد تي ٽن جوبدار پريل عرف پرو مهر، علي رضا مهر ۽ طاهر مهر خلاف ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.