مارچ ۾ 76 شهري کنڀي گم، عدالت پاران معاملو وزيراعظم ۽ ڪابينا آڏو رکڻ جو حڪم

اسلام آباد(م ڊ) مسنگ پرسنز ڪيس ۾ هڪ ٻيو وڏو حڪم ڏيندي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ گهرو سيڪريٽري کي مارچ ۾ لاپتا 76 شهرين جو معاملو وزيراعظم ۽ وفاقي ڪابينا آڏو رکڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت جبري گمشدگيون روڪڻ لاءِ نئين حڪومت کي پاليسي جوڙڻ لاءِ وقت ڏيندي مسنگ پرسنز لاءِ فيڊرل ٽاسڪ فورس جي سفارشن تي ٻڌل رپورٽ ايندڙ ٻڌڻي تي 17 مئي تي طلب ڪري ورتي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله مدثر نارو سميت ٻين لاپتا ماڻهن جي ڪيس جو تحريري حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو، عدالت لکت ۾ حڪم ۾ چيو آهي ته وڪيلن چيو ته اهو مناسب هوندو ته جبري گمشدگين جي حوالي سان وفاقي حڪومت کي پنهنجو پاليسي بيان جاري ڪرڻ جو هڪ ٻيو موقعو ڏنو وڃي، گهرو سيڪريٽري کي هدايت ڪئي وڃي ٿي ته وفاقي حڪومت کان ان بابت هدايتون وٺي، وزيراعظم ۽ ڪابينا ميمبرن آڏو جبري گمشدگين بابت پاليسي جو پڇي ايندڙ ٻڌڻي کان اڳ رپورٽ جمع ڪرائي، ڪابينا مان اميد ڪئي وڃي ٿي ته اها لاپتا شهرين بابت فيصلو ڪندي، انعام الرحمان ايڊوڪيٽ ٻڌايو ته ڪميشن جي رپورٽ مطابق رڳو مارچ جي مهيني ۾ 76 شهري لاپتا ٿيا، گهرو سيڪريٽري اها معلومات وزيراعظم ۽ ڪابينا ميمبرن آڏو رکي، مدثر نارو جي والده راحت النساءَ چيو ته مدثر نارو ڪٿي آهي؟

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.