پرويز اشرف پاران چيني سفارتخاني جو دورو، ڪراچي ڌماڪي تي افسوس جو اظهار

اسلام آباد(م ڊ) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيني سفارتخاني جو دورو ڪيو ۽ ڪراچي يونيورسٽي ڌماڪي جي نتيجي ۾ چيني رهواسين جي جاني نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو، پورو پاڪستان پنهنجي چيني ڀائرن سان ڀرپور يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿو. راجا پرويز اشرف چيو ته پاڪ چين دوستي تي حملو ٿيو آهي، پاڪستان دشمن جو تعاقب ڪندو، دهشتگرد پنهنجي ڪڌن مقصدن ذريعي پاڪ چين اقتصادي لنگهه منصوبي کي سبوتاز ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، پاڪستان عظيم دوست چين سان پنهنجي سدابهار، لازوال دوستي تي آنچ اچڻ نه ڏيندو. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته چيني رهواسين جي سيڪيورٽي لاءِ هر ممڪن وسيلن کي استعمال ۾ آندو ويندو، پاڪستاني عوام چيني رهواسين جي مارجڻ تي ڏکويل آهي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيني سفارتخاني ۾ مهمانن جي لاءِ رکيل ڪتاب ۾ چيني رهواسين جي جاني نقصان تي چين جي حڪومت ۽ عوام سان همدردي جو اظهار ڪندي پنهنجا تعزيتي تاثر قلمبند ڪيا.

فرح گوگي عمران خان جي ڏکندڙ رڳ بڻجي چڪي:فيصل ڪريم

اسلام آباد (م ڊ) پ پ اڳواڻ فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته فرح گوگي تي ڪک رکي  اڳوڻي وزيراعظم عمران خان ثابت ڪيو ته دال ۾ ڪجهه ڪارو آهي،ڪالهوڪي پريس ڪانفرنس ۾ هن فرح گوگي جي ترجمان جو ڪردار سٺي نموني نڀايو. پنهنجي بيان ۾ فيصل ڪريم ڪندي چيو ته هڪ ايف آءِ آر روئڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو پر خانصاحب کي گهٻرائڻو ناهي.هن چيو ته چيف اليڪشن ڪمشنر خانصاحب پاڻ مقرر ڪيو هو، عمران خان جي ويجهن  ماڻهن جي ڪرپشڻ ۽ بدعنواني کان دنيا باخبر آهي. پ پ اڳواڻ چيو ته عمران خان اڄ به ملڪي ادارن خلاف عوام کي اڪساهي ۽ ورغلائي رهيو آهي، پريس ڪانفرنس ۾عمران خان جي وائڙائپ ۽ شڪست چٽي نظر آئي.فيصل ڪريم ڪنڊي جو چوڻ آهي ته عمرن خان پاڻ پنجاب کي يرغمال بڻائي لٽيندڙن جي ترجماني ڪري رهيو آهي.هن چيو ته فرح خان عمران خان جي ڏکندڙ رڳ بڻجي چڪي آهي، وقت اچڻ تي عمران خان جون ٻيون به ڏکندڙ رڳون قوم آڏو سامهون اينديون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.