شهيد چوڪي انچارج جي جنازي نماز، ڊي آءِ جي ۽ ٻيا شريڪ

سکر(رپورٽر ) لانچ موڙ ٿاڻي جي فرض جي ادائگي دوران شهيد ٿيندڙ چوڪي انچارج گل حسن تڳڙ جي جنازي نماز پوليس هيڊڪوارٽر سميت ابائي ڳوٺ احسان کان تڳڙ ۾ ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ ڊي آءِ جي سکر، ايس ايس پي سکر سميت صحافين، پوليس عملدارن، غلام مهر، شفيع محمدا بڙو، عبدالقادر چاچڙ، سردار بگن ڪلادي، استاد شوڪت اوڳائي سميت ڪيترن ئي شهرين جنازي نماز ۾ شرڪت ڪئي ۽ مرحوم جي مغفرت لاءِ دعا گهري، جنهن کانپوءِ شهيد ٿيندڙ اهلڪار کي ابائي قبرستان ميان سمون جي قبرستان ۾ سرڪاري اعزاز سان  مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو آهي، ياد رهي ته شهيد ٿيندڙ پوليس اهلڪار ڌاريلن جو پيڇو ڪندي گوليون لڳڻ سبب شهيد ٿي ويو هو جنهن جي جنازي نماز ادا ڪرڻ کانپوءِ کيس مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.