سڪرنڊ لڳ هلندڙ تڪرار ۾ ٺاپر نه آئي، وڌيڪ هڪ ڄڻو زخمي، ڇڪتاڻ

سڪرنڊ (ن ع آ)  سڪرنڊ ڀرسان ڳوٺ نقر لاکو ۾ فصل جي ڀيل تان لاکن ۽ ڪيرين جي ٻن ڌرين ۾ تڪرار تيز  ٿي ويو, ٻئي ڌريون مورچا بند فائرنگ جي نتيجي ۾ نوجوان عبدالخالق ڪيريو گولي لڳڻ ڪري سخت زخمي ,زخمي ٿيل جي ففاٽ محمد شريف ڪيريو الزام ھڻندي چيو ته حاجي لاکي ۽ پٺاڻ لاکو وارن گوليون ھڻي اسان جي نوجوان کي سخت زخني ڪيو آهي ياد رھي ته ھڪ ڏينهن اڳ ٻنھين  ڌرين جي جھيڙي ۾ 30سالا اسلم ولد قائم  لاکو قتل ٿيو ۽ ميان بخش لاکو زخمي ٿيو جڏهن ته ٻي ڌر جو آفتاب ڪيريو ۽ محمد يوسف ڪيريو زخمي ٿيا ھئا, ماڙي جلباڻي پوليس  محمد يوسف ڪيريو آفتاب ڪيريو محمد يامين ڪيريو عبدالرئوف ڪيريو کي پڻ گرفتار ڪري ورتو آهي ماڙي جلباڻي  پوليس جي وڏي منشي ممتاز جمالي ٻڌايو ته ٻنھين ڌرين پاران ڪو به ڪيس داخل ناھي ڪيو اسان ڳوٺ ۽ زمين تي پوليس پڪٽ قائم ڪئي آهي وڌيڪ جھيڙي کي روڪڻ لاء پوليس الرٽ آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.