قومپرست ۽ سنڌ دوست ڌرين ۾ پ پ مخالف نئون پارلياماني اتحاد جوڙڻ تي اتفاق

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ جي قومپرست، وطن دوست ۽ سنڌ دوست سياسي پارٽين جو گڏيل اجلاس  ترقي پسند ھائوس حيدرآباد تي سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي جي صدارت هيٺ ٿي گذريو، جنهن ۾ قومي عوامي تحريڪ جي صدر اياز لطيف پليجو، مظهر راهوجو، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي امير حسن پنهور، امير ٿيٻو، عوامي جمهوري پارٽي جي لال شاهھ، حريف چانڊيو، پورهيت مزاحمت تحريڪ جي نثار لغاري، سوشل ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي عالم بروهي، جي آر بلوچ ايس ٽي پي گلزار سومرو، حيدر ملاح ۽ٻيا شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ ملڪ ۽ سنڌ جي سياسي صورتحال جو جائزو ورتو ويو. اجلاس سنڌ ۾ پارلياماني اتحاد جي لاءِ تفصيلي غور ويچار ڪندي چيو ويو ته سنڌ کي سياسي ڀوتارن ۽ جاگيردارن جي نمائنده پارٽين جي خلاف حقيقي عوام سنڌ دوست اتحاد جي سخت ضرورت آهي ته جئين سنڌ کي دائمي خطرن کان بچائي سگهجي. اجلاس ۾ سنڌ مٿان حق حاڪميت، سنڌ جي قومي وحدت جي بقاءُ، ڌارين آبادڪاري، سنڌي ٻولي کي قومي جو درجو ڏيارڻ، توانائي ۽ روزگار جي وسيلن جي مالڪي قبول ڪرڻ، شفاف آدمشماري، مفت معياري تعليم، عام ماڻهن جي جان و مال جو تحفظ، سنڌ جي ناڻي ۽ وسيلن جي مالڪي، ڌاري آبادڪاري سنڌ ۽ پاڪستان ۾ ڪرپشن جي مڪمل خاتمي سميت ٻارنهن نڪتن تي اتفاق ڪيو ويو. اجلاس ۾ اتحاد جي نالي ۽ جهنڊي تي اتفاق ڪيو ويو، جن جو اعلان ايندڙ اجلاس ۾ ڪيو ويو ويندو ۽ اجلاس 10 مئي ترقي پسند ھائوس تي سڏائڻ جو فيصلو ڪيو ويو.قومي عوامي تحريڪ پاران تجويزون پيش ڪيون ويون آهن ته ڪنھن به عوامي تعاون ۽ موٽ تي دارومدار رکندڙ گڏيل جدوجھد، سھڪار ۽ اتحاد جي بنيادي ايجنڊا ۾ ھي اھم ترين اسم ضرور شامل ھئڻ گھرجن؛ سنڌ جي وحدت جو تحفظ ، پاڻي، پيٽرول، گيس، ڪوئلي، بجلي، معدنيات ۽ جزيرن سميت سنڌ جي سمورن وسيلن ۽ انھن جي ٽيڪسن جي مالڪي، نون يونٽن جي سازش ۽ معاھدن جو خاتمو، سمورن نون ڊيمز ۽ ڌاڙيل ڪينالن ٽي پي، سي جي، ٿل جو خاتمو، سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي قرار ڏيڻ، ڳوٺن ۽ شھرن جو تحفظ، ڪرپشن جو مڪمل خاتمو ،ا تحاد ۾ شامل اڳواڻ ڪنھن به ڏوھ، دھشتگردي، منشيات فروشي، ڪرپشن، مھم جوئي، خوني تڪرارن، قبضاگيري، ڀتاخوري، ڏاڍ مڙسي ۽ ڪنھن عوام آزار عمل يا عوام دشمن، عورت دشمن، اقليت دشمن ۽ رواداري دشمن سرگرمي ۽ لاقانونيت ۾ ھرگز ملوث نه ھجي. پنجين تجويز ڏني ته گڏيل جدوجھد، سھڪار ۽ اتحاد ۾ شامل ڌرين، اڳواڻن توڙي ڪارڪنن لاءِ لازمي ھوندو ته اھي ڪئي ڏھاڪن کان سنڌ ۾ جائز طور آباد مستقل آبادين سان ۽ سنڌ جي مرڻ جيئڻ جي معاملن کي پنھنجو سمجھندڙ ٻيون ٻوليون ڳالھائيندڙ سان ۽ پاڪستان جي ٻين ٽن صوبن ۾ رھندڙ عام مظلوم ماڻھن سان ڀائپي، رواداري، سھڪار ۽ پنھنجائپ جو رويو برقرار رکندا سنڌ کي هڪٻئي لاءِ احترام ۽ سهپ جي جذبو رکندڙ، جمھوري، عوامي، مهذب، باوقار، سرگرم ۽ عوام جي دلين تائين پهچڻ واري پيش قدمي جي ضرورت آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.