جروار ۽ ڀرپاسي ۾ بدامني چوٽ چڙهي وئي، چوريون ڦرون روز جو معمول

جروار ( ن ع آ ) جروار ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ھڪ دفعو ٻيھر بدامني چوٽ چڙھي وئي ھڪ مھيني اندر سوين چورين ۽ ڦرن جون وارداتون زور وٺي ويون آھن، جڏھن ته جروار پوليس ڦورن چورن اڳيان بيوس ۽  لاچار بڻيل آھي ،اھڙي طرح جروار جي وچ شھر ۽ ٿاڻي جي ڀرسان ئي بيٺل شھرين جون ڪيتريون ئي موٽرسائيڪلون به چاٻي چورن پوليس جي  بغير خوف  جي ڪاھي ويا آھن.  نااھل ايس ايڇ او ظھير ڀٽو مقرر ٿيڻ کانپوءِ ڏوھن ڦورن ۽ چورين جھڙين وارداتن ۾ ڏينھون ڏينھن اضافو ٿيندو پيو وڃي ايئن لڳي ۽ محسوس ٿي رھيو آھي ته پوليس اھڙن ڪڌن ڪمن ۾ ملوث ۽ ڀاڱي ڀائيوار آھي ٻي طرف اھڙن چورن ڦورن خلاف ڪافي وقت کان پوليس نه ئي ڪا ڪاروائي ڪئي آھي ۽ نه ئي اھڙو ڪو سخت قدم کنيو آھي جنھن سان ڏوھن ڦرن چورين کي ڪنٽرول ڪري سگھجي آءِ جي سنڌ کان مطالبو ڪيو آھي ته جروار پوليس سميت ايس ايس پي گھوٽڪي خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي ته جيئن چورن ڦرن جھڙن وارداتن ۽ منشيات جھڙي گندي عمل ۽ جوا مان اسان کي ڇوٽڪارو ملي سگھي ، جيڪڏھن سمورن معاملن جو سختي سان نوٽيس نه ورتو ويو ته پوري ضلعي گھوٽڪي ۾ احتجاجي تحريڪ ھلائي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.