ڪراچي ۾ نينگري اغوا بعد زيادتي جو شڪار

ڪراچي(رپورٽر) ڪراچي جي علائقي گلشن اقبال بلاڪ 19 ۾ 13 سالن جي ٻارڙي سان اغوا بعد زيادتي، ٻارڙي جي والد عبدالوالي خان  چيو ته 13 اپريل تي ڌيءُ گهر ٻاهران اغوا ٿي، گذريل ڏينهن بيهوشي جي حالت ۾ ملي، هن چيو ته اسان عزيز ڀٽي ٿاڻي تي رپورٽ داخل ڪرڻ وياسين ته پوليس ٽال مٽول ڪئي، ٻارڙي کي اسپتال داخل ڪرايوسين ته اتي خبر پئي ته ساڻس زيادتي ٿي آهي، سندس ايم ايل او ڪرايو ويو آهي، هن چيو ته ٻارڙي کي پاڙيسرين اغوا ڪري زيادتي ڪئي، ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرڻ وياسين ته انويسٽيگيشن آفيسر رشوت طلب ڪئي، پوليس جي روايتي دير سبب منهنجي نينگري وحشت جو نشانو بڻي، ٻارڙي هڪ جوابدار عالم خان عرف سونو کي سڃاڻيو آهي، پوليس جوابدارن جي پٺڀرائي ڪري رهي آهي، ٻئي پاسي پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو ويو آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.