ڀريا روڊ ويجهي زهريلي چانهه پيئڻ سبب 8 ڀاتي بيهوش

ڀرياسٽي (ن ع آ) ڀرياروڊ ڀرسان ڳوٺ عثمان گاهيچو ۾ زهريلي چانهه پيئڻ سبب ڳوٺاڻي نفيس گاهيچو جي گھر جا 8 ڀاتي ٽن سالن جو  معصوم جان محمد ، ڇهن سالن جو منور علي، چوڏنهن مهينن جو محمد امان ، ٻن سالن جي ڪنزا، هڪ ساله جي منيزا ، ٽن سالن جي ريحانه ، 25 ساله شهزادي ، 45 ساله رخسانه بيهوش ٿي ويا. جڏهن ته بيهوش ٿيل گھر ڀاتين کي ڳوٺاڻن فورن بيهوشي واري حالت ۾ سول اسپتال نوشهروفيروز منتقل ڪيو. جتي ڊاڪٽرن پاران پيهوش ٿيل ڳوٺاڻن کي فورن طبي امداد فراهم ڪندي. واش ڪري وڏي جدوجهد کان پوءِ ڳوٺاڻن جو حياتيون بچائي ورتيون، جڏهن ته ٻئي پاسي وارثن موجب جنهن ڪٽلي ۾ چانهه ڪاڙهي وئي هئي، ان ۾ اڳئي ڪرڙي موجود هئي ، جنهن سبب چانهه زهريلي ٿي وئي. ۽ چانهه پيئڻ جي ڪري سڀ گھر جا ڀاتي بيهوش ٿي ويا.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.